ٻوڏ دوران چين وقت سر ڄاڻ ڇو نه ڏني؟ نيپالي پرڏيهي وزير خاموشي ٽوڙي ڇڏي

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال جي پرڏيهي وزير ششيئر خانال چيو آهي ته ملڪ ۾ آيل ٻوڏ واري واقعي بابت چيني اختيارين وٽ به مڪمل ۽ واضح ڄاڻ موجود نه هئي.
برطانوي ميڊيا رپورٽن موجب، نيپال جي پرڏيهي وزير ششيئر خانال کان جڏهن صحافين سوال ڪيو ته هن بحران دوران چين طرفان وقت سر ڄاڻ ڇو نه ڏني وئي؟
جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته واقعي جي نوعيت اهڙي هئي جو ممڪن آهي ته شروعاتي مرحلي ۾ چيني اختيارين وٽ به مڪمل ۽ واضح ڄاڻ موجود نه هجي.
هن چيو ته ضروري ڄاڻ ۽ تفصيل هاڻي چين طرفان ملي رهيا آهن، اسان واقعي کان پوءِ مسلسل چيني اختيارين سان رابطي ۾ آهيون ۽ ويجهي سطح تي هم آهنگي جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته چين نه رڳو گليشيئر ڦاٽڻ واري هنڌ ٺهندڙ ڍنڍ جي نگراني ڪري رهيو آهي، پر امڪاني خطرن بابت ڄاڻ به نيپال سان ونڊي رهيو آهي، جيئن ڪنهن به نئين هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت سر قدم کنيا وڃن.

You might also like