لارڊز ۾ عمران خان جي پٽن جو انٽرويو، سرفراز احمد جو ردعمل اچي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ سرفراز احمد چيو آهي ته عمران خان جي پٽن جي اسڪاءِ نيوز کي ڏنل انٽرويو بابت اسان کي ڪا ڄاڻ ناهي، اسان رڳو ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون.
لنڊن جي تاريخي لارڊز اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻي ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن انگلش براڊڪاسٽرز ماني جي وقفي دوران اڳوڻي ڪپتان عمران خان جي پٽن جو انٽرويو نشر ڪيو هو.
پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽن قاسم ۽ سلمان جو انٽرويو اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل ايٿرٽن ڪيو.
جنهن تي پي سي بي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ مانيءَ جي وقفي کان پوءِ ٽيم ميدان ۾ نه موڪلڻ بابت غور ڪيو ويو.
ان حوالي سان لارڊز ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران جڏهن پاڪستان ٽيم جي هيڊ ڪوچ سرفراز احمد کان سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته ”ان بابت اسان کي ڪا ڄاڻ ناهي، پي سي بي ان حوالي سان انگلش بورڊ سان شڪايت ڪئي آهي يا نه ان بابت به مون کي خبر ناهي.“
جڏهن هيڊ ڪوچ کان سوال ڪيو ويو ته ڇا مانيءَ جي وقفي کان پوءِ انٽرويو سبب ٽيم ميدان ۾ نه اچڻ بابت سوچيو هو، ته سرفراز احمد جو چوڻ هو ته اهڙو ڪجهه به نه ٿيو، اسان ته معمول موجب ماني جي وقفي کان پوءِ ميدان ۾ اچڻ جي تياري ڪري رهيا هئاسين، اسان کي انٽرويو بابت ڪا به ڄاڻ ناهي.

You might also like