خوراڪ واري وزير پاران ڪڻڪ کوٽ جون خبرون رد

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي خوراڪ واري وزير محبوب الزمان سنڌ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ بابت هلندڙ خبرن کي رد ڪندي ذخيرو اندوزن خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ ناهي ۽ مصنوعي مهانگائي يا ذخيرو اندوزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.صوبائي وزير خوراڪ جي صدارت هيٺ ڪڻڪ ۽ اٽي جي اگهن بابت ٿيل اجلاس ۾ هن چيو ته جيڪي ماڻهو عوام کي مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن، انهن خلاف سخت ڪارروائي  ڪئي ويندي.محبوب الزمان جو چوڻ هو ته مراد علي شاهه صوبي ۾ موجود ڪڻڪ جي ذخيرن بابت مڪمل رپورٽ طلب ڪئي آهي، جڏهن ته ڪڻڪ جي اسٽاڪ بابت تفصيلي رپورٽ جلد وڏي وزير ڏانهن موڪلي ويندي.ٻئي طرف فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين چيو آهي ته ڪڻڪ جي آزاد چرپر تي پابندي نه لڳائڻ بابت سنڌ حڪومت جو فيصلو دانشمنداڻو آهي، پنجاب ۾ ڪڻڪ جي چرپر تي تي پابندين سبب مارڪيٽ ۾ عدم توازن پيدا ٿيو، جنهن جا اثر سڄي ملڪ ۾ محسوس ڪيا

پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.