اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وفاقي حڪومت پاران ورڇ جوڳي پول مان وسيلن جي ورهاست بابت پيدا ٿيل تڪرار سبب ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ دير ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ذريعن موجب، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي تقسيم بابت اختلاف موجود آهن. وفاق اضافي وسيلن جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته صوبا پنهنجي حصي ۾ گهٽتائي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاق صوبن کان لڳ ڀڳ 1200 ارب رپيا اضافي وسيلا گهريا آهن، پر صوبا پنهنجي حصي مان گهٽتائي ڪرڻ تي راضي ناهن، جنهن سبب معاملي تي وڌيڪ ڳالهيون ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب، وفاق جو موقف آهي ته اهي اضافي وسيلا دفاع، قومي سلامتي ۽ رليف جي شعبن تي خرچ ڪيا ويندا.صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران هن معاملي تي اڳڀرائي ٿي آهي. اهڙي طرح سهيل آفريدي پڻ وفاق جي ڳالهين ڪندڙ ٽيم سان رابطو ڪيو آهي.