ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت خريف جي پوکائي جي انتهائي اهم موسم دوران صوبي ۾ پاڻي جي شديد ۽ مصنوعي کوٽ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي 1991ع جي واٽر ايپروپريئيشن اڪارڊ (پاڻي واري معاهدي) جي کلي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي آبادگارن کي سندن جائز حصي جي پاڻي کان محروم رکڻ سراسر ناانصافي آهي. وزير آبپاشي ڄام خان شورو تفصيل ٻڌائيندي چيو ته تربيلا، منگلا ۽ چشمه جي ذخيرن ۾ 4.019 ملين ايڪڙ فٽ کان وڌيڪ پاڻي موجود هجڻ باوجود ارسا سنڌ ڏانهن پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. هن چيو ته ابتدائي خريف سيزن 2026 دوران ارسا مئي مهيني ۾ ۽ هيل تائين سنڌ طرفان طلب ڪيل پاڻي جي فراهمي کي پورو نه ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته 6 جون کان 10 جون 2026 تائين سنڌ جي 145,000 ڪيوسڪ جائز گهرج جي مقابلي ۾ چشمه کان هيٺئين وهڪري ۾ رليز صرف 120,000 ڪيوسڪ تائين محدود ڪئي وئي آهي، جنهن سبب جون جي پهرين ڏهاڪي دوران سنڌ کي مجموعي طور 40 سيڪڙو وڏي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن واضح ڪيو ته اپريل مهيني ۾ غيرمعمولي برساتن سبب سنڌ جي بئراجن تي عارضي طور تي جيڪو اضافي پاڻي پهتو هو، ارسا ان کي سنڌ جي پاڻي واري کاتي ۾ شامل ڪري هاڻي خريف جي موسم ۾ صوبي تي مصنوعي کوٽ مڙهي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي. ڄام خان شورو چيو ته سنڌ حڪومت هن ڳالهه تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ته هڪ طرف سنڌ جي بئراجن تي پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جڏهن ته ٻئي طرف چشمه-جهلم (CJ) ۽ تونسه-پنجند (TP) لنڪ ڪئنالن کي ترتيبوار 16,500 ڪيوسڪ ۽ 10,816 ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ مڪمل گنجائش سان هلايو پيو وڃي، جنهن سبب سنڌودرياءُ جي مکيه وهڪري جو پاڻي پنجاب جي معاون دريائن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. صوبائي وزير ٻنهي صوبن جي پاڻي جي دستيابي بابت سرڪاري انگ اکر پيش ڪندي ٻڌايو ته سنڌ جي بئراجن تي پاڻي جي مجموعي دستيابي مقرر ڪيل 106,340 ڪيوسڪ ڪوٽا جي مقابلي ۾ صرف 64,093 ڪيوسڪ آهي، جيڪا 40 سيڪڙو شديد کوٽ ظاهر ڪري ٿي. ڄام خان شورو موجب ڪوٽڙي بئراج تي 26,900 ڪيوسڪ مختص حصي جي مقابلي ۾ صرف 11,455 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب 57 سيڪڙو وڏي گهٽتائي آهي. سکر بئراج جي رائيٽ بينڪ ڪئنال سسٽم ۾ پاڻي جي اها صورتحال سکر، لاڙڪاڻو، دادو، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ ۽ بلوچستان جي ڪمانڊ ايرياز ۾ لکين ايڪڙ زرعي زمين لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي،هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت ۽ ارسا کان مطالبو ڪري ٿي ته هو هن صورتحال جو فوري نوٽيس وٺي، چشمه کان هيٺئين وهڪري ۾ سنڌ جي انڊنٽ موجب پاڻي جي فراهمي بحال ڪري ۽ چشمه-جهلم ۽ تونسه-پنجند لنڪ ڪئنالن جي آپريشن کي فوري طور بند ڪيو وڃي.
سنڌ سرڪار رڳو خط ۽ ڪتابت تي ڀاڙڻ بدران ارسا خلاف سخت احتجاج ڪري:پاڻي ماهر
ڪراچي(عوامي آواز نيوز) انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) سنڌ ۽ بلوچستان کي سندن حصي جو پاڻي فراهم ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن سبب ٻنهي صوبن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ سنڌو درياهه تي آخري بئراج، ڪوٽڙي (غلام محمد بئراج) تي پاڻي جي کوٽ 57 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي. سکر بئراج مان نڪرندڙ ستن ئي ڪينالن کي گڏيل طور تي ضرورت کان 37 سيڪڙو گهٽ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. گڊو بئراج تي سراسري طور 34 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي آبپاشي ماهر عبدالعزيز سومرو چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان پاڻي جي سخت اڻاٺ کي منهن ڏئي رهيا آهن، ارسا ۾ سنڌ جي اڳوڻي ميمبر احسان لغاري جو چوڻ آهي ته خريف جي موسم دوران سنڌ وٽ پنهنجي ضرورت جو پاڻي موجود ناهي، جڏهن ته ڊيمن ۾ ربيع لاءِ پاڻي ذخيرو ڪيو پيو وڃي، جيڪو 1991ع جي پاڻي معاهدي جي کلي خلاف ورزي آهي. سندن چوڻ موجب صوبن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کان پوءِ ئي ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ٿيڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته هاڻوڪي صورتحال مان لڳي ٿو ته ڪوٽڙي بئراج سڄو جون مهينو پاڻي لاءِ ترسندو رهندو، ڇاڪاڻ ته تونسه بئراج تي پاڻي جو وهڪرو هڪ لک 30 هزار ڪيوسڪ تائين پهچڻ کان پوءِ به 22 ڏينهن لڳندا ته پاڻي ڪوٽڙي تائين پهچي سگهندو.ٻئي طرف آبپاشي ۽ ماحولياتي ماهر نصير ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ شديد کوٽ جي باوجود پنجاب پاران سي جي ۽ ٽي پي تڪراري لنڪ ڪينالن ذريعي جهلم ڊويزن لاءِ 28 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي حاصل ڪرڻ سنڌ سان دشمني جي برابر آهي.هن چيو ته سنڌ سرڪار کي رڳو خط و ڪتابت تي ڀاڙڻ بدران ارسا خلاف سخت احتجاج ڪرڻ گهرجي
نارا ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ:ضلعي بار پاران مذمتي قرارداد منظور
ميرپورخاص(بيورورپورٽ) نارا ڪئنال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري 15 ڏينهن ۽ 21 ڏينهن جي وارا بندي ڪري ميرپورخاص شهر سميت ضلعي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ، ورهاست ۾ بي قاعدگين ۽ زرعي معاشي بحران تي ضلعي بار ايسوسيئيشن ميرپورخاص جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي اهم ٺهراءُ منظور ڪيو آهي. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي ميرپورخاص، خاص طور تي ٽيل اينڊ وارن علائقن ۾، آبپاشي جي پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب هارين کي سخت ڏکيائي، زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي، بيٺل فصلن کي نقصان ۽ مالي نقصانن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هارين ۽ اسٽيڪ هولڊرز پاران بار شڪايتون مليون آهن ته پاڻي جي ورهاست منصفاڻي نه آهي، منظور ٿيل ” وارابندي“ شيڊيول تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي، پاڻي چوري، ۽ آبپاشي کاتي جي ڪارين رڍن جي ملي ڀڳت سان نارا ڪئنال ۾ 13 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي هجڻ جي باوجود هٿرادو کوٽ پيدا ڪري نااهلي جو ثبوت ڏنو پيو وڃي،
سنڌوءَ درياءُ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي:نواز زئور
حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته دريائن ۾ وهڪرن جي صورتحال معمول موجب هلڻ جي باوجود سنڌ کي پاڻي جي کوٽ جي ور چاڙهيو ويو آهي. جنھن ڪري ساريال جو ٻيجو سڙي رهيو آهي. پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ کي معاشي تباهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي،هن چيوته اڳ ۾ ڊيم ڀريا ٿا وڃن. ساڳئي وقت پنجاب جا ڌاڙيل واھ تارون تار وهي رهيا آهن. چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال وسيلي سنڌوءَ درياءُ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي
قومي عوامي تحريڪ پاران پاڻي کوٽ ۽ 28 هين ترميم خلاف تحريڪ شروع
حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ، سنڌو درياھ تي ڌاڙي،28ھين ترميم، ڪرپشن، بدامني لاقانونيت، منشيات ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف سڀاڻ (اڄ) کان 31 جولاء تائين 50 ڏينھن جي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان تحريڪ شروع ڪري ڇڏي.قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ جا مخالف ۽ سنڌیين جا ويري چاهين ٿا تہ سنڌ ورهایل ھجي، سنڌ ڀلي ڪرپشن جي گهیيري ۾ ھجي،گورننس برباد هجي،سازشي ڌريون ياد رکن ته سنڌ ٽوڙڻ جي سازش تي عمل ٿيڻ نه ڏينداسين ھنن جو پلان آھي تہ آئیني ترمیمن، اقتصادي ترقي ۽ انتھاپسندي جي آڙ ۾ سنڌ جي تخت گاھ ڪراچي، ناڻي، پاڻي ۽ وسیلن تي قبضو ڪري، سنڌین کي پنهنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪیون،هن چيو تہ اسان انهن جي ڪنھن بہ سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ نہ ڏينداسين.