اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن بابت ردعمل ڏيندي پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو ته ڪجهه پولنگ اسٽيشنون پري منتقل ڪرڻ سبب سندن ووٽ بئنڪ متاثر ٿيو، جڏهن ته ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي عملو به دير سان پهتو.هن چيو ته چونڊ عمل کي ڄاڻي واڻي سست رفتاري جو شڪار بڻائڻ منصفاڻين چونڊن تي سوال اٿاري ٿو. سندس مطالبو هو ته گلگت بلتستان اليڪشن ڪميشن سندن خدشن جو فوري نوٽيس وٺي.قمر زمان ڪائره وڌيڪ چيو ته جيستائين سڀئي ووٽ ڪاسٽ نه ٿيندا، تيستائين چونڊعملي کي وڃڻ نه ڏنو ويندو.ٻئي طرف نيئر حسين بخاري چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي کي فارم 45 فراهم ناهن ڪيا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته معاملي بابت چيف اليڪشن ڪمشنر سان رابطو ڪري کين آگاهه ڪيو ويو آهي.هن چيو ته گلگت بلتستان جون چونڊون پرامن ماحول ۾ ٿيون، تنهن ڪري هاڻي ماحول خراب نه ڪيو وڃي ۽ اليڪشن ڪميشن کي فوري طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.هن الزام هنيو ته فارم 45 جاري نه ڪرڻ سان نتيجا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته پولنگ ايجنٽن کي فارم 45 ڏنا وڃن، جڏهن ته پريزائيڊنگ آفيسر ڪچي پينسل سان نتيجا ڏئي رهيا آهن، جيڪو غيرقانوني عمل آهي. هن چيو ته ڪجهه عنصر چونڊن کي تڪراري بڻائڻ چاهين ٿا.آغا رفيع الله چيو ته گلگت بلتستان ۾ مبينا ڌانڌلي جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ سندن نمائندن کي فارم 45 فراهم ناهن ڪيا پيا وڃن.آغا رفيع الله چيو ته شفاف چونڊون ڪرائڻ آئيني ذميواري آهي ۽ پيپلز پارٽي هميشه چونڊي شفافيت تي يقين رکي ٿي. هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته گلگت بلتستان مان پارٽي اڳواڻن جون شڪايتون ملي رهيون آهن ته اتي منظم انداز ۾ مبينا ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي.