منشيات خلاف سنڌ پوليس کي نارڪوٽڪس فورس جهڙا اختيار ملي ويا: ضياء لنجار

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته منشيات جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت پوليس کي نارڪوٽڪس فورس جهڙا مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا آهن ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث  ڪنهن به شخص، اداري يا سرڪاري آفيسر سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، هن چيو ته انمول عرف پنڪي ڪيس سميت منشيات جي سمورن نيٽ ورڪن خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ جاچ جو دائرو صوبي کان ٻاهر ٻين صوبن ۽ بين الاقوامي نيٽ ورڪن تائين وڌايو ويو آهي. ان خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اهم اجلاس دوران بريفنگ ڏيندي ڪيو، جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان، صوبائي وزير تعليم سردار شاهه، قادر پٽيل، شرميلا فاروقي، سجاد سومرو، عبدالوسيم، شارع جمال ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان انمول عرف پنڪي ڪيس بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جاچ دوران منشيات جي هڪ منظم نيٽ ورڪ جا ڪيترائي اهم ڳانڍاپا سامهون آيا آهن

۽ ڪيس سان لاڳاپيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي. هن چيو ته جاچ جي بنياد تي وڌيڪ اهم شخصيتن ۽ سهولتڪارن تائين پهچڻ لاءِ مختلف رخن تي ڪم ڪيو پيو وڃي.  اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ انمول عرف پنڪي ڪيس تي لڳ ڀڳ ساڍا ٽي ڪلاڪ تفصيلي بحث ڪيو ويو. ڪميٽي ميمبرن ڪجهه اهم جوابدارن جي اڃا تائين گرفتاري نه ٿيڻ تي سخت اعتراض ڪندي پوليس کان وضاحت طلب ڪئي. ميمبرن چيو ته مرڪزي جوابدار جي گرفتاري باوجود شهر ۾ ڪوڪين ۽ ٻين منشيات جي وڪري جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن، تنهنڪري نيٽ ورڪ جي مڪمل خاتمي لاءِ وڌيڪ سخت قدم کنيا وڃن. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار بريفنگ دوران ٻڌايو ته قانون ۾ ترميم ذريعي پوليس کي دفعه 28 تحت اينٽي نارڪوٽڪس فورس جهڙا اختيار ڏنا ويا آهن ته جيئن پوليس ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس گڏيل حڪمت عملي سان منشيات جي واپار خلاف اثرائتي ڪارروائيون ڪري سگهن. هن چيو ته جيڪڏهن پوليس جا پنهنجا آفيسر به منشيات فروشي يا سهولتڪاري ۾ ملوث ثابت ٿيا ته انهن خلاف به بنا امتياز سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته منشيات جي ڪجهه ڪيسن ۾ پنجاب پوليس جي هڪ ڊي ايس پي جي ملوث هجڻ جا ثبوت به سامهون آيا آهن، جڏهن ته ڪجهه اهم سهولتڪار لاهور مان گرفتار ڪيا ويا آهن. ضياءُ الحسن لنجار موجب اي اين ايف جي بريفنگ مطابق هن نيٽ ورڪ ۾ ڪجهه غير ملڪي عنصر، خاص طور نائجيرين شهري پڻ شامل رهيا آهن، جن خلاف به قانون موجب ڪارروائي ڪئي وئي آهي. اجلاس دوران فريال تالپور چيو ته نوجوان نسل کي منشيات جهڙي موذي لعنت کان بچائڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث سمورن عنصرن خلاف بغير ڪنهن دٻاءَ ۽ امتياز جي سخت ترين قانوني ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته منشيات خلاف جنگ ۾ ڪنهن به قسم جي نرمي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال سان گڏ ڪيترين مالي ۽ انتظامي سمرين تي پڻ غور ڪيو ويو، جن ۾ ريڪوڊڪ سيڪيورٽي لاءِ ايف سي کي 41 ڪروڙ 39 لک رپيا، پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي لاءِ 52 ڪروڙ 80 لک رپين جي گرانٽ، اسلام آباد ٽيڪنالاجيڪل زون لاءِ 15 ڪروڙ رپين جا فنڊ ۽ ٻين ترقياتي منصوبن بابت معاملا شامل هئا. قائمه ڪميٽي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته منشيات جي نيٽ ورڪن جي مڪمل خاتمي لاءِ جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو وڃي ۽ سمورن ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي

گوادر ۾ هٿياربندن هٿان 4 پوليس اهلڪار اغوا

گوادر (م ڊ) گوادر جي ڪنٽاني واري علائقي واري علائقي مان 4 پوليس اهلڪارن کي سرڪاري گاڏي سميت اغوا ڪيو ويو، سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس عطاءُ الرحمان موجب پوليس اهلڪار غيرقانوني طور ايران وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري  رهيا هئا ته ان دوران کين اغوا ڪيو ويو، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ مغوي پوليس اهلڪارن ۽ سرڪاري گاڏي جي بازيابي لاءِ مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته مغوين جي محفوظ بازيابي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.