ڪوئيٽا (م ڊ) محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته 2024 جا چونڊون نيلام ٿيون هيون ۽ جڏهن سيٽ 40 ڪروڙ رپين ۾ وڪامي ته پوءِ ڪير چونڊن ۾ حصو وٺندو، ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هو هن ڌرتي سان وفا ۽ محبت ڪن ٿا، جڏهن ته حڪمرانن جي طريقي ڪار تي سخت سوال اٿاريا، محمود خان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي هلائڻ لاءِ اصل حقِ حڪمراني عوام کي ملڻ گهرجي، هن چيو ته 28هين ترميم وڏي غلطي هوندي، ڇو ته اڳ ئي آئين کي سخت نقصان پهچايو ويو آهي، جيڪڏهن آئين ۽ حلف موجب ملڪ هلايو وڃي ته پاڪستان دنيا جو بهترين ملڪ بڻجي سگهي ٿو، هن اهو به چيو ته جنهن علائقي مان معدنيات نڪرن ٿيون، انهن تي مقامي ماڻهن جو حق تسليم ڪيو وڃي، باني پي ٽي آءِ سان ملاقات تي پابندي آهي ۽ سندس ڀينرن کي به ملڻ نه پيو ڏنو وڃي، هن وڌيڪ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ ٿي ته پاڪستان ۽ افغانستان به متاثر ٿيندا، تنهن ڪري ايران، افغانستان ۽ پاڪستان کي گڏجي اتحاد ٺاهڻ گهرجي.