28 هين ترميم ذريعي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، عوامي تحريڪ جي باني سربراهه ۽ عظيم انقلابي مفڪر رسول بخش پليجي جي اٺين ورسي جي سلسلي ۾ مختلف سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي شخصيتن سان ٽيلفونڪ رابطو ڪيو ۽ کين 7 جون 2026ع تي جنگشاهي ۾ عوامي تحريڪ طرفان رسول بخش پليجو جي اٺين ورسي جي موقعي تي ٿيندڙ آمريڪي سامراجي دهشت گردي،  اٺاويهين آئيني ترميم، عورتن جي قتلام ۽ مهانگائي خلاف جلسي عام ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن نيشنل پارٽي اڳواڻ مالڪ بلوچ، سرائيڪي لوڪ سانجهھ اڳواڻ رئوف ڪلاسرا، مزدور ڪسان پارٽي اڳواڻ تيمور خان، سرائيڪي پارٽي اڳواڻ نخبه تاج لانگاهه، پختونخوا نيشنل عوامي پارٽي اڳواڻ خوشحال خان ڪاڪڙ، نامياري اديب جامي چانڊيو، نصير ميمڻ، وسعت الله خان، نظير لغاري، عابده لغاري، دودو چانڊيو، مسعود نوراني، شهاب اوستو، خدا ڏنو شاهه، ايڊووڪيٽ ڪاظم حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ ابيرا اشفاق، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، خواجه غلام فريد ڪوريجا، شاهه مير مري، سرور باري، فرزانه باري، انيس هارون، دستگير ڀٽي، حامد مير، حسن عباس ۽ علي احمد ڪرد ۽ ٻين سان ٽيلفونڪ رابطو ڪري کين ورسي پروگرام ۾ شرڪت جي دعوتون ڏني، ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته رسول بخش پليجي پنھنجي سموري ڄمار هن ڌرتيءَ جي مظلوم، پورهيت، هاري، مزدور ۽ محروم طبقن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندي گذاري، رسول بخش پليجي سنڌي قوم کي شعور، تنظيم ۽ جدوجهد جو رستو ڏيکاريو. رسول بخش پليجي جو فڪر اڄ به موجوده دور جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي، ساجد حسين مهيسر چيو ته اڄ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، وسيلن جي غير منصفانه ورڇ، ۽ صوبائي حقن جي لتاڙ ملڪ کي بحران طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. عبدالقادر رانٽو چيو ته عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي جي فڪر کي عملي جدوجهد ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. هن چيو ته 28 هين آئيني ترميم ذريعي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. عوامي تحريڪ هر سنڌ دشمن سازش جو مقابلو ڪندي.

پيپلزپارٽي سنڌ کي عورتن لاءِ جهنم بڻائي ڇڏيو آهي: سنڌياڻي تحريڪ

ٺٽو (پ ر) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪائنات هاليپوٽو، سنڌياڻي ضلعي ٺٽي جي صدر سلما لاشاري ۽ اختر پليجو ٺٽي پريس ڪلب ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته   عوامي تحريڪ جي باني سربراهه، رسول بخش پليجي صاحب جي اٺين ورسي جي سلسلي ۾ ضلعي ٺٽي جي مختلف علائقن، ڳوٺن ۽ وسندين جا دورا ڪيا ويا آهن انهن دورن دوران عورتن، شاگردياڻين ۽ مقامي ماڻهن سان سياسي ڪچهريون ڪري کين 7 جون 2026ع تي جنگشاهي ڀرسان ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ ٿيندڙ ملڪگير جلسي عام ۾ شرڪت جون دعوتون ڏنيون ويون، هنن چيو ته ضلعي ٺٽي جي ٻهارا، ميرپور ساڪرو ۽ ٻين علائقن جي مختلف ڳوٺن سميت عزت خان لاشاري، قادر لاشاري، حاجي علي سومرو، اسماعيل پليجو، صابو خان پليجو، خالق ڏنو پليجو، عثمان پليجو، منگر پليجو، کاريسير، گل منڊا ۽ آس پاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا دورا ڪيا ويا، جتي عورتن جي مسئلن تي ڳالھ ٻولهھ سميت ورسي جي جلسي عام ۾ شرڪت جون  دعوتون ڏنيون  ويون. ، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عورت اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجي صاحب سڄي زندگي جمهوريت، قومي حقن، عورتن جي آزادي، هارين، مزدورن ۽ مظلوم طبقن جي حقن، سنڌو درياهه جي جياپي لاءِ جدوجهد ڪئي. سندن فڪر ۽ جدوجهد اڄ به سنڌ جي عوام لاءِ راهه روشن ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته 7 جون تي جنگشاهي ۾ ٿيندڙ جلسي عام ۾ 28هين آئيني ترميم، آمريڪي سامراجي پاليسين،سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي ڪوششن، عورتن تي وڌندڙ تشدد ۽ قتلِ عام، بيروزگاري، مهانگائي ۽ سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن، سنڌ کان تختگاھ  ڪراچي کي الڳ ڪري وفاق حوالي ڪرڻ سميت عوام کي درپيش اهم مسئلن تي تفصيلي موقف پيش ڪيو ويندو، پيپلزپارٽي سنڌ کي عورتن لاءِ جهنم بڻائي ڇڏيو آهي، ڪارو ڪاري جا واقعا پيپلزپارٽي سرڪار جي منهن تي چماٽ آهن.روزانو معصوم بيگناھ نياڻن کي  ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ جا دردناڪ واقعا ميڊيا تي رپورٽ ٿين ٿا،ان جي باوجود رياست، رياستي ادارا خاموش آھن. سنڌ ۾ عورتن جو بي رحم قتلام جاري آهي. قبيلائي سردار جرڳا ڪري عورتن کي  ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ جا فيصلا ڪن ٿا ۽ قاتل آزاد ٿيو وڃن،عدالتون عورتن جي قتلن تي خاموش آهن.

رسول بخش پليجو سنڌ جي حقن لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو:اياز لطيف

 

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته قومي عوامي تحريڪ عظيم مفڪر ۽ سياستدان رسول بخش پليجو جي اٺين ورسي 6 ۽ 7 جون تي سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي، جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو جي اڳواڻي ۾ 7 جون تي صبح 11 وڳي ڳوٺ منگر خان پليجو جنگشاهي رسول بخش پليجو صاحب جي مزار تي پھچي گلن جي چادر چاڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، اياز لطيف پليجي چيو ته  رسول بخش پليجو پاڻي تي ڌاڙي خلاف ۽ سنڌ جي حقن لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس جدوجهد اڄ به سنڌ جي سياسي شعور جي رهنمائي ڪري ٿي، اياز لطيف پليجي چيو ته رسول بخش پليجو پنهنجي سڄي زندگي سنڌ جي پاڻي، زمين، وسيلن ۽ قومي سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ وقف ڪري ڇڏي، رسول بخش پليجو عورتن، ھارين، مزدورن،شاگردن،ٻارن سميت سنڌ جي مظلوم عوام کي سياسي شعور ڏنو آمريت خلاف ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف بيباڪ جرئت ۽ بھادري سان منظم جدوجهد ڪئي، ايازلطيف پليجي چيو ته رسول بخش پليجو صاحب نه رڳو هڪ سياسي اڳواڻ هو، پر هڪ استاد، ليکڪ ۽ جدوجهد ۽ تحريڪ جو نالو هو، رسول بخش پليجو ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال ۽ سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ڪيو ۽ تاريخي لانگ مارچون ڪيون قومي تحريڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، رسول بخش پليجو جي لکڻين ۽ تقريرن سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ مزاحمتي روايت کي نئين سڃاڻپ ڏني، قومي عوامي تحريڪ  رسول بخش پليجو جي نظريي تي هلندي سنڌ جي حقن، پاڻي ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکندي پئي اچي. اياز لطيف پليجي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي 45 سيڪڙو کوٽ پيدا ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پنجاب حڪومت ۽ ارسا ڏاڍ مڙسي ذريعي ڌاڙيل واھ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کي کولي ڇڏيا آھن اھي صرف ٻوڏ ۾ سنڌ جي اجازت سان کولي سگھجن ٿا پرارسا سنڌ سان دوکو ڪري ڌاڙيل واھ کولي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رھيو آھي سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.