مهانگائي تاريخي حد تائين پهچي وئي آهي:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيوآهي ته پاڪستان ۾ غربت لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو  تائين پهچي چڪي آهي. سيڙپڪاري گذريل ڪيترن ڏهاڪن جي گهٽ ترين سطح تي آهي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته  بيروزگاري وڌي وئي آهي، مهانگائي تاريخي حد تائين پهچي چڪي آهي، ۽ ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جي استعمال ۾ به گهٽتائي آئي آهي.هن چيو ته ملڪ 2008 کان غلط رخ ۾ وڃي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت ۽ بنگلاديش پاڪستان کان اڳتي نڪري ويا آهن.مفتاح اسماعيل چيو ته وفاقي ۽ صوبائي خرچن ۾ بيحد واڌ ٿي آهي. ٽيڪس جو بار غريب ۽ وچولي طبقي تي وڌايو ويو آهي. پيٽرول تي ڳرا ٽيڪس لڳايا ويا آهن، جڏهن ته وڏا ڪاروباري ۽ مالدار طبقو گهٽ ٽيڪس ڏين ٿا.هن چيو ته اصل مسئلو نظام جي ناڪامي آهي، صرف ماڻهن جي نااهلي ناهي. پاليسيون غلط آهن ۽ ترجيحون درست نه آهن.مفتاح اسماعيل چيو ته سيڪيورٽي صورتحال، دهشتگردي، ۽ عالمي حالتون سيڙپڪاري کي متاثر ڪري رهيون آهن. ڪاروباري ماحول بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.