بيجنگ (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين پهچي ويو، وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي دوري جي پهرين مرحلي ۾ هانگڙور پهتو، جتي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ، آءِ ٽي وزير شزه فاطمه ۽ خاص صلاحڪار طارق فاطمي پڻ ساڻس گڏ آهن، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري جنهن جو مقصد ٻطرفن لاڳاپن، سياسي رابطن ۽ معاشي سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي، ترجمان موجب وزيراعظم هانگڙور ۾ ڙيجيانگ صوبي جي پارٽي سيڪريٽري سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته دوري دوران وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ جو امڪان آهي، تڪرار جي حل لاءِ چين پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف جون مشهور چيني ڪمپنين جي سي اي اوز سان ملاقاتون به ٿينديون.