سيالڪوٽ(عوامي آواز نيوز)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو ايران جو دورو پاڻ ۾ هڪ اشارو آهي ته معاملو ڪنهن حل جي ويجهو پهچي چڪو آهي،سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ثالثي بابت اسان آهستي آهستي هاڪاري نتيجي جي ويجهو پهچي رهيا آهيون، اسان دنيا کي هڪ تمام وڏي بحران کان بچائي رهيا آهيون، پاڪستان جون ڪوششون ڪامياب ٿينديون۔وفاقي وزير چيو ته مهانگائي کان انڪار ناهي، جنهن طبقي جا وسيلا محدود آهن اهو وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي، جنگ سبب معيشت تي خراب اثر پيا آهن، بحالي جو عمل نه رڳو رڪجي ويو آهي پر ابتو ٿي ويو آهي۔ هوڏانهن خواجا آصف گڏيل عرب امارتن ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت سخت ۽ غير روايتي موقف اختيار ڪندي واضح لفظن ۾ چيو آهي ته امارتن ۾ رهندڙ سڀئي پاڪستاني شريف شهري ناهن، پر اتي ڏوهن، پنڻ ۽ ٻين قابلِ مذمت ڌنڌن ۾ ملوث ماڻهن جو به وڏو انگ موجود آهي، جنهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گڏيل عرب امارات حڪومت جو قانوني حق آهي،هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت گڏيل عرب امارتن ۾ 23 لک پاڪستاني رهائش پذير آهن، ۽ اهي سڀ مسجدن جا امام ناهن لڳا ويٺا۔ انهن 23 لکن ۾ “وارداتي” يعني ڏوهاري ماڻهو به شامل آهن ۽ هزارين جي انگ ۾ پيشاور پينو به اتي پهچي چڪا آهن هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ پاڪستانين جي ساک اهڙي نه هئي ۽ هو ڪڏهن به اهڙن غيرقانوني يا اخلاقي طور خراب ڪمن ۾ ملوث نه ڏٺا ويندا هئا، پر هاڻي صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي،هن چيو ته جيڪڏهن 23 لک پاڪستانين مان ٻه، چار هزار يا ڏهه هزار ڏوهاري ماڻهو ڊي پورٽ به ڪيا وڃن ته ان تي ملڪ اندر واويلا ڪرڻ يا وڏو شور مچائڻ جي ڪا ضرورت ناهي۔