جنگي صورتحال سبب عوام کي رليف ۾ رنڊڪون آهن:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(ابصار عالم)ليگي سينيٽر ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن واري مشير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف  چين جي دوري تي آهي. اتي سي پيڪ ٻئي مرحلي ۽ ايم ايل ون ريلوي منصوبي بابت معاملا ٿي سگهن ٿا. ڪراچي کان پشاور تائين ريلوي سڌاري تي به ڳالهه ٿيندي،هن چيو ته هن وقت خطي ۾ صورتحال انتهائي حساس آهي، هڪ جنگي صورتحال جو اثر سڄي علائقي تي پيو آهي، جنهن ۾ چين جو اهم ڪردار آهي. چين پاڪستان کي هر ڏکئي وقت ۾ معاشي ۽ سياسي سهارو ڏنو آهي، جيئن سعودي عرب به ڪندو رهيو آهي،هن چيو ته پاڪستان جي واپار ۾ عدم توازن آهي، برآمد گهٽ ۽ درآمد وڌيڪ آهن، جنهن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. چين ٽيڪنالاجي ۽ زرعي شعبي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ۽ پاڪستان کي به انهن شعبن مان فائدو وٺڻ گهرجي مهانگي بجلي واري سوال تي هن جواب ڏنو ته مسئلا صرف غفلت نه پر عالمي حالتن، ڊالر جي قدر ۽ اقتصادي دٻاءَ جو نتيجو آهن. جيڪڏهن ڊالر جي قيمت مستحڪم هجي ها ته صورتحال بهتر هجي ها،هن چيو ته جيڪڏهن ايران ۽ ٻين ملڪن سان حالتون بهتر ٿين ٿيون ته گيس پائپ لائين مڪمل ٿي سگهي ٿي، جنهن سان پاڪستان ۾ گيس جي کوٽ ختم ٿي سگهي ٿي ۽ قيمتون گهٽجي سگهن ٿيون. تيل جي قيمتن ۾ به وڏي گهٽتائي اچي سگهي ٿي.هن چيو ته جيڪڏهن خطي ۾ امن اچي ٿو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڏو رليف ڏئي سگهجي ٿو، خاص طور تي بجلي، تيل ۽ گيس جي قيمتن ۾.رانا ثناء الله چيو ته هن بجيٽ ۾ مڪمل رليف ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، پر جنگي صورتحال سبب ڪجهه رڪاوٽون آهن. ٽيڪس نظام ۾ به سڌارا ڪيا پيا وڃن ۽ غريب طبقي لاءِ مختلف اسڪيمون آنديون پيون وڃن.هن چيو ته ٻن سئو يونٽن وارو بجلي رليف ختم نه ڪيو ويندو. نيٽ ميٽرنگ وارن صارفين جا فائدا به برقرار رهندا. هن وضاحت ڪئي ته ووٽنگ عمر 25 سال ڪرڻ جي ڪا سرڪاري تجويز ناهي. هن صرف بحث جي ڳالهه ڪئي هئي ته ميچورٽي عمر بابت معاشري ۾ بحث ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.