لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت تعليمي ادارن جي مانيٽرنگ لاءِ فوجي اهلڪارن کي ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڀرتين جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، پنجاب جي 22 ضلعن ۾ فوجي ملازمن کي مانيٽرنگ اينڊ ايويليوشن آفيسرز (ايم اي اوز) طور ڀرتي ڪيو ويندو.
ڀرتي هڪ سال جي ڪانٽريڪٽ تي ٿيندي، جنهن تحت 60 هزار رپيا ماهوار پگهار ۽ تعليم کاتي جي رولز موجب ٻيون سموريون سهولتون ۽ مراعتون پڻ حاصل هونديون.
مانيٽرنگ لاءِ سرڪاري موٽر سائيڪل به فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته هڪ سال کان پوءِ ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ جي گنجائش پڻ موجود هوندي، ڀرتيون پنجاب ايجوڪيشن فائونڊيشن (پي اي ايف) تحت ڪيون وينديون.
اهلڪار، جي سي اوز ۽ اين سي اوز کان 7 سيپٽمبر تائين درخواستون طلب ڪيون ويون آهن، عمر جي حد 30 کان 55 سال مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تعليمي قابليت گريجوئيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي، ان کانسواءِ پنجاب جو ڊوميسائيل به لازمي هوندو.
آءِ ٽي شعبي ۾ تجربو ۽ صحتمند هجڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي. پهرئين مرحلي ۾ 28 مانيٽرنگ اينڊ ايويليوشن آفيسر ڀرتي ڪيا ويندا، جن ۾ 21 فوجي ۽ 7 سول اهلڪار شامل هوندا.
ٻئي مرحلي ۾ ٻين ضلعن لاءِ الڳ ڀرتيون ڪيون وينديون.
ان کانسواءِ تعليم کاتي صوبي جي اسڪولن ۾ ڊيلي ويجز( ڏهاڙي) تي عارضي بنيادن تي مقرر ڪيل ۽ لمپ سم پگهارون وٺندڙ ڏيڍ لک اسڪول ٽيچنگ انٽرنز جي ختم ٿيندڙ ڪانٽريڪٽ ۾ 9 مهينن جي واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.
سمري منظوري لاءِ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ڏانهن موڪلي وئي آهي، ڪانٽريڪٽ جاري تعليمي سيشن مارچ 2027 تائين هوندو. سمري منظور ٿيندي ئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.
You might also like