قاهرا (ويب ڊيسڪ) بينڪ آف مصر چيو آهي ته هو آمريڪي ناڻي کاتي جي ان فيصلي خلاف قانوني ڪارروائي ڪندو، جنهن تحت گڏيل عرب امارتن ۾ سندس شاخن جي آمريڪي مالياتي نظام تائين پهچ ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
مصر جي وڏن بئنڪن ۾ شمار ٿيندڙ بينڪ آف مصر هڪ بيان ۾ چيو ته گڏيل عرب امارتن ۾ ان جون شاخون لاڳاپيل قانونن ۽ ضابطن موجب واهپيدارن کي بينڪنگ جون سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن.
بينڪ خلاف آمريڪي قدم واشنگٽن طرفان ايران کي عالمي مالياتي نظام کان وڌيڪ ڌار رکڻ جي مهم تحت کنيل پهرين اعلانيل ڪاروائين مان هڪ هو، جنهن تي 30 ڏينهن اندر عملدرآمد ٿيڻو هو.
آمريڪي ناڻي کاتي جو چوڻ هو ته گڏيل عرب امارتن ۾ بينڪ آف مصر جون شاخون ايران سان مالي ڏي وٺ ۽ ايراني حڪومت جي مدد ۾ ملوث رهيون آهن، ان ڪري انهن کي آمريڪي مالياتي نظام تائين پهچ کان محروم ڪيو پيو وڃي.
ان جي جواب ۾ بينڪ آف مصر چيو آهي ته هو ضروري قانوني ۽ ريگيوليٽري قدم کڻندو ۽ مقرر ڪيل مدي دوران آمريڪي ناڻي کاتي سان رابطو پڻ ڪندو.
هوڏانهن مصر جي مرڪزي بينڪ جمعي ڏينهن واضح ڪيو ته ايران بابت آمريڪي پابنديون رڳو گڏيل عرب امارتن ۾ بينڪ آف مصر جي شاخن تائين محدود آهن ۽ اِهي ڪنهن ٻئي مصري بينڪ تي لاڳو نه ٿينديون.
ايران سان ڏيتي ليتي جي الزام تي بينڪ آف مصر مٿان آمريڪي پابنديون، بئنڪ جو قانوني جنگ وڙهڻ جو اعلان
You might also like