نيپال (ويب ڊيسڪ) اربع جي صبح اٺ لڳي ٽن منٽن تي سُڀراشري چڪرورتي پنهنجي مڙس سُديپتو ڀٽاچاريه کي آخري واٽس ايپ پيغام موڪليو ته ”اسان چين ۾ داخل ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهيون.“ ان کان ڪجهه منٽ اڳ هن نيپال جي سرحد تي اميگريشن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پاسپورٽ تي لڳل مهر جي تصوير به موڪلي هئي.
۽ پوءِ اوچتو رابطو ڪٽجي ويو
43 ورهين جي سُڀراشري انهن سوين ڀارتي شهرين ۾ شامل آهي، جن بابت خدشو آهي ته نيپال ۽ تبت جي سرحدي علائقي ۾ آيل ڀوائتي ٻوڏ کا پوءِ گم ٿي ويا آهن.
سُڀراشري ڪولڪتا جي هڪ اسپتال ۾ ڪرٽيڪل ڪيئر ميڊيڪل ٽيڪنالوجسٽ آهي.
سندس مڙس موجب، هوءَ جسماني طور فِٽ هئي ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي تربيت به حاصل ڪيل هئي، پر اهي سڀ ڳالهيون سندس ڪٽنب کي ان سوال جو جواب نه ڏئي سگهيون ته 08:03 وڳي کان پوءِ ساڻس ڇا ٿيو.
سندس مڙس جو چوڻ آهي ته ”08:03 کان پوءِ ڇا ٿيو؟ اسان کي ڪا به خبر ناهي.“
ڪئلاش جي چوٽيءَ جو سفر سُڀراشري جو ڪيترن ئي سالن کان پراڻو خواب هو.
گم ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ هن کٽمنڊو مان پنهنجي خاندان کي تصويرون موڪليون هيون، جن ۾ هوءَ مندرن ۽ دربار اسڪوائر جي تاريخي عمارتن ۾ مرڪندي نظر اچي رهي هئي.
سندس مڙس چيو ته ”هوءَ ڏاڍي پرجوش هئي، اهو سندس خوابن جو سفر هو.“
سُڀراشري 21 آگسٽ تي ڪولڪتا مان رواني ٿي، نيپال جي رستي کٽمنڊو پُڳي ۽ اتي ڪجهه ڏينهن گذارڻ کان پوءِ پانڌيئڙن جي هڪ گروپ سان گڏ تبت ڏانهن رواني ٿي.
26 آگسٽ جي صبح هوءَ سرحد جي ويجهو هئي.
فون تي آخري ڳالهه ٻولهه دوران هن پنهنجي مڙس کي ٻڌايو هو ته موسم ٺيڪ آهي، پوءِ پيغام موڪليائين ته نيپالي اميگريشن مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ گروپ تبت ۾ داخل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي.
ان کان پوءِ ماٺار ڇانئجي وئي.
منجهند ڌاري جڏهن ٻوڏ جون خبرون سامهون آيون ته سُديپتو بار بار پنهنجي زال، ساڻس گڏ پانڌيئڙن، ٽور آپريٽر ۽ گروپ مئنيجرز سان رابطي جون ڪوششون ڪيون، پر ڪنهن به جواب نه ڏنو.
ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود خاندان کي اڃا تائين سُڀراشري بابت ڪو تصديقي اطلاع نه ملي سگهيو آهي.
سندس مڙس جو چوڻ آهي ته ”اسان رڳو اهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته هوءَ زنده آهي يا نه، گم ٿيل ماڻهن، فوتين ۽ بچي ويل ماڻهن جي فهرست جاري ڪئي وڃي ته جيئن اسان کي ڪا خبر ملي سگهي.“
پوءِ هن پنهنجي تڪليف کي ڪجهه لفظن ۾ بيان ڪندي چيو ته ”مان توهان کي ڇا ٻڌايان؟ ڪيترين ئي راتين کان ننڊ ناهي آئي، بس فون تي خبرون ڳولي رهيا آهيون.“
خوابن جي سفر تي نڪتل عورت نيپال ۾ آيل ٻوڏ کانپوءِ گم، آخري واٽس ايپ پيغام معمو بڻجي ويو
You might also like