حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ ۽ کاھوڙي ڪردار سيد عالم شاھ جي ياد ۾ قاسم آباد ۾ سافڪو آفيس ۾ تعزيتي ريفرنس ٿيو، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو شريڪ ٿيو، جڏھن ته سماج سڌارڪ شھناز شيدي، واجد لغاري، عباس کوسو، علي مير شاھ، ايڊووڪيٽ فارياشاھ، ايڊووڪيٽ زمان زئور، رضوان شاھ ۽ ٻيا سول سوسائٽي جا اڳواڻ شريڪ ٿيا. تعزيتي ريفرنس ۾ سيد عالم شاھ جي تصوير آڏ گل نڇاور ڪري ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته سيد عالم شاھ پنھنجي وطن ۽ مسڪين ماڻھن جي حقن لاءِ جدوجھد ۾ زندگي گذاري ڇڏي. سيد عالم شاھ وٽ جاگيردار طبقي جي پنھنجي مقصد واري زندگي گذارڻ جو موقعو ھو پر سيد عالم شاھ ھارين، مزدورن ۽ مسڪين ماڻھن لاءِ جدوجھد جي جنگ ڪري تاريخ ۾ امر بڻجي ويو. هن چيو ته سيد عالم شاھ جي پنھنجي نظريي ۽ سياسي واٽ تي فخر ھو. بي لوث اڳواڻ ۽ ساٿي ھو. پنھنجي جواني ۾ ھن مشڪل رستن جي چونڊ ڪئي. سيد عالم شاھ پارٽي جي سوين ساٿين جي گھرن جو ڀرجھلو ھو. شھناز شيدي چيو ته سيد عالم شاھ سنڌ جي محڪوم طبقن لاءِ جدوجھد ڪئي.