لاهور (ويب ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ به پمز واقعي تي آواز اُٿاريندي چيو آهي ته هن معاملي کي فڪس اپ ڪرڻو پوندو، جيستائين اهو معاملو حل نه ٿيندو، تيستائين اڳتي ڳالهه نه ٿيندي.
لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته پرينهن جڏهن 14 لاش ڏٺا ته احساس ٿيو ته مان محفوظ ناهيان، مون کي احساس ٿيو ته ملڪ محفوظ ناهي، هي هڪ غير محفوظ ملڪ آهي، مان پاڻ هن حڪومت ۾ آهيان، اڄ ٽي آڱريون مون ڏانهن کڄي رهيون آهن، ڪنهن سياستدان جا ٻار پمز اسپتال نٿا وڃن.
هن چيو ته عام ماڻهوءَ کي معاشي انگن اکرن سان لهڻو ليکو ناهي، عام ماڻهوءَ کي پنهنجي ٻار جي تعليم ۽ علاج سان مطلب آهي، سماجي انصاف معاشري ۾ فرق ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري ماحولياتي تحفظ سان ڳنڍيل آهي.
سرڪاري اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ اسان جي ٻارن لاءِ بنا فرق سهولتون موجود هئڻ گهرجن، اسان جي بنيادي ذميواري آهي ته عام ماڻهو کي بهترين زندگي فراهم ڪريون.
مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته توهان کي حيرت ناهي ٿي ته ڪنهن ڊاڪٽر جي آڱر نه ڪٽي، ڪا نرس زخمي نه ٿي، ڪنهن فائر مين کي باهه نه لڳي ۽ 14 ٻار سڙي رک ٿي ويا.
وفاقي وزير سوال اُٿاريندي پڇيو ته ڇا سروس ڊليوري ٿي؟ اهي سمورا ماڻهو ڪٿي هئا؟ هي معاملو فڪس اَپ ٿيندو ۽ جڏهن اهو فڪس اپ ٿيندو ته باقي سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿينديم هن معاملي کي فڪس اپ ڪرڻ کانسواءِ هاڻي ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي.