اسلام آباد( سجاد انور) حڪومت جي دعوائن ۽ زميني حقيقتن ۾ وڏو فرق موجود آهي، جڏهنته ملڪ اندر نئين آئيني ۽ انتظامي ڍانچي بابت ڳجهيون تياريون پڻ جاري آهن.حڪومت دعويٰ ڪري رهي آهي ته معيشت بهتر ٿي وئي آهي، عدالتي نظام “اسٽريم لائين” ڪيو ويو آهي ۽ سلامتي جي صورتحال به ڪنٽرول ۾ آهي، پر حقيقت ۾ خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان مان روز دهشتگردي، حملا ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادتن جون خبرون اچي رهيون آهن.تازو ميجر توصيف احمد ڀٽي سميت ڪيترائي فوجي اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهنته گوادر مان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ ٻين ماڻهن جي اغوا جا واقعا به سامهون آيا آهن.جڏهن ته 2022عپاڪستان جو قرض 52 هزار ارب رپيا هو، جيڪو وڌي 97 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.آءِ ايم ايف جي ٽيم هن وقت اسلام آباد ۾ موجود آهي ۽ ايندڙ بجيٽ بابت هدايتون ڏئي رهي آهي. ايندڙ ٻن يا ٽن سالن تائين عوام کي ڪنهن به وڏي رليف جي اميد نه رکڻ گهرجي، ڇوته بجلي، گئس ۽ پيٽرول تي سبسڊي گهٽائڻ بابت سخت شرط لاڳو ڪيا پيا وڃن.جيڪڏهن عالمي حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته پيٽرول جون قيمتون به 500 رپيا في ليٽر کان مٿي وڃي سگهن ٿيون.ٻئي پاسي طاقتور حلقن طرفان هڪ “ٿنڪ ٽينڪ” ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ وڪيل، رٽائرڊ فوجي عملدار، بيوروڪريٽس ۽ سماجي ماهر شامل آهن. هنن ٽن مختلف آئيني مسودن تيار ڪيا آهن.انهن تجويزن ۾ وفاق کي وڌيڪ طاقت ڏيڻ ڪراچي ۽ گوادر کي وفاقي ڪنٽرول هيٺ آڻڻ ،دفاعي خرچن ۽ قومي قرضن ۾ صوبن کي به حصيدار بڻائڻ ،صحت، تعليم ۽ آبادي جا کاتا ٻيهر وفاق حوالي ڪرڻ ،آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ شامل ڪرڻ ،اڳوڻي فاٽا وارن ضلعن لاءِ وڌيڪ مالي حصو مقرر ڪرڻ جهڙيون تجويزون شامل آهن.موجوده آئين موجب صوبن جي مالي حصي ۾ گهٽتائي نٿي آڻي سگهجي، پر ڪجهه حلقا انهيءَ ڍانچي کي تبديل ڪرڻ چاهين ٿا.ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري هن ترميم ۾ دلچسپي نٿو رکي، جڏهنته آصف علي زرداري به حڪومت کي چيو آهي ته پهرين عوام کي رليف ڏنو وڃي،حڪومتي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله پڻ تسليم ڪيو آهي ته ترميم جلد منظور ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن، ڇوته اتحادي ڌريون اڃا متفق ناهن.ٻئي پاسي سنجيده حلقن ۾ “پنڪي انمول” نالي عورت بابت هلندڙ ميڊيا مهم تي به سخت تنقيد ڪئي وئي.پاڪستاني ميڊيا ملڪ جي اهم مسئلن بدران هڪ ڊرگ ڪيس کي “سيلبريٽي اسڪينڊل” بڻائي ڇڏيو آهي.ٽي وي چينلن کي ڪنهن هدايت ڏني ته ڪلاڪن جا پروگرام صرف انهيءَ معاملي تي هلائن؟ جڏهن ٻين سياسي اڳواڻن جا نالا نشر ڪرڻ تي پابنديون لڳن ٿيون ته پوءِ هتي اهڙي آزادي ڇو ڏني وئي؟ سماج ۾ منشيات جو وڌندڙ استعمال، خاص طور تي امير طبقي جي نوجوانن ۾، رياستي ناڪامي ۽ سماجي ٻُوسٽ جو نتيجو آهي.پاڪستان ۾ نوجوانن لاءِ راندين جا ميدان، پارڪ ۽ تخليقي سرگرمين جا موقعا گهٽجي ويا آهن. “پارڪن ۾ شاپنگ مال ٺهي ويا آهن، گرائونڊ ختم ٿي ويا آهن، نوجوانن وٽ نه راند آهي، نه روزگار، نه تخليقي آزادي.”سرڪاري اسڪولن ۾ شام واري شفٽ دوران فني تربيت ڏني وڃي، معيشت قرضن تي هلي رهي آهي صنعتون ڪمزور آهن تعليم ۽ صحت جا وسيلا گهٽ آهن نوجوان بيروزگار آهن ووٽ جي عزت نه پئي ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن اهي مسئلا حل نه ٿيا ته ملڪ وڌيڪ بحرانن ڏانهن وڌندو.