ڪراچي (رپورٽر) جي يو آءِ (ف) سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن اصولن کان مٿي ٿي ڪجهه ڪيو ويو ته مقابلي لاءِ به تيار آهيون، هاڻ فيصلا ايوان بدران ميدان ۾ ٿيندا، ايران کي ڪنٽرول ڪرڻ کان پوءِ اسرائيل پاڪستان جي دروازي تائين پهچي ويندو، ڪراچي ۾ وحدت امت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي سياست سيکارڻ بدران اسان کان سکڻ گهرجي، اسان پاڪ سعودي عرب دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اسان پاڪستان ۾ محبت جي سياست ڪيون ٿا، اسان کي ڌانڌلي ذريعي سياست مان ٻاهر ڪڍيو ويو، اڄ ملڪ جي ادارن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اسان پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ چاهيون ٿا، مسلمان امت ۾ پاڻ ۾ جنگ بدران اتحاد جو وقت آهي ۽ اسان نفرت ۽ تعصب جي سياست جا قائل ناهيون، هن وڌيڪ چيو ته اسان اصولن جي سياست ڪندا آهيون ۽ رياستي ادارن جو احترام ڪندا آهيون، جيڪڏهن اصولن کان مٿي ٿي ڪجهه ڪندا ته مقابلي لاءِ به تيار آهيون، فيصلا هاڻي ايوان بدران ميدان ۾ ٿيندا، ملڪ ۾ امن ۽ انساني حقن جو تحفظ ضروري آهي، مهانگائي خلاف احتجاج آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين سبب ملتوي ڪيو ويو هو.