ڪراچي (رپورٽر) مبينا ڪوڪين ڊيلر انمول عرف پنڪي جا سنسني خيز انڪشاف سامهون اچي ويا، شوبز شخصيتن ۽ سياستدانن جا نالا به وٺي ڇڏيا، ڪوڪين ڊيلر انمول عرف پنڪي حساس ادارن جي جاچ دوران پوليس، اي اين ايف اهلڪارن ۽ مختلف شخصيتن بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن، ذريعن موجب جوابدار عورت دعويٰ ڪئي آهي ته هن سرڪاري ادارن جي اهلڪارن کي ڪروڙين رپين جون رشوتون ڏنيون، جوابدار عورت جي دعويٰ موجب اي اين ايف جو هڪ انسپيڪٽر سندس ڀاءُ ناصر کي بار بار گرفتار ڪري رشوت وٺي آزاد ڪندو رهيو، جڏهن ته هن اي اين ايف اهلڪارن کي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 5 لک رپيا رشوت طور ڏنا، جوابدار عورت پنڪي دعويٰ ڪئي ته درخشان، گذري ۽ بوٽ بيسن ٿاڻن جي اهلڪارن کي پڻ هر مهيني لکين رپيا ڏنا ويندا هئا، جوابدار عورت موجب 2024ع ۾ سندس ڀاءُ جي گرفتاري بعد هڪ پوليس اهلڪار ڪامران رائيڊرز کي اغوا ڪري مجموعي طور 2 ڪروڙ 5 لک رپيا ورتا، جوابدار عورت دعويٰ ڪئي ته هن مبينا طور ان پوليس اهلڪار کي رستي تان هٽائڻ لاءِ ڪرائي جي قاتلن جي مدد وٺڻ بابت به سوچيو هو، انمول عرف پنڪي دعويٰ ڪئي ته سندس اڳوڻو مڙس رانا ناصر منشيات لڪائڻ لاءِ وڪيلن جي آفيسن ۽ چيمبرز جو استعمال ڪندو هو ته جيئن پوليس ڇاپا نه هڻي سگهي، جوابدار عورت موجب رانا ناصر جا ڀائر رانا منصور ۽ رانا شهزور وڪيل آهن ۽ مبينا طور منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن، جوابدار عورت دعويٰ ڪئي ته سندس ڪوڪين نيٽ ورڪ جا 700 کان 800 گراهڪ آهن، جن مان 150 مستقل گراهڪ آهن، جاچ دوران جوابدار عورت مبينا طور اداڪار منيب بٽ ۽ سارا نالي هڪ ماڊل اداڪاره جو نالو به ورتو ۽ دعويٰ ڪئي ته اهي سندس گراهڪ رهيا آهن، جوابدار عورت ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي صادق افتخار ۽ سندس گهرواري بابت به دعويٰ ڪئي ته مٿس 5 لک رپين جو قرض آهي، جاچ اختيارين موجب انهن دعوائن ۽ انڪشافن جي روشني ۾ فلم، ڊراما انڊسٽري ۽ سياسي حلقن سان لاڳاپيل وڌيڪ نالا سامهون اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي جو دائرو وڌايو پيو وڃي، شروعاتي ي جاچ موجب جوابدار عورت دعويٰ ڪئي ته هوءَ هر مهيني 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي منشيات وڪرو ڪندي هئي، جاچ دوران معلوم ٿيو ته جوابدار عورت جي استعمال هيٺ 2 موبائل سمون افضل ۽ صابره بي بي جي نالن تي رجسٽرڊ هيون، جوابدار عورت دعويٰ ڪئي ته منشيات جي رقم موبائل ايپس ذريعي موڪلي ۽ وصول ڪئي ويندي هئي، جڏهن ته رقم جي منتقلي لاءِ ذيشان ۽ سمير جي نالن تي بئنڪ اڪائونٽ کوليا ويا هئا، جوابدار عورت موجب لاهور مان منشيات موڪلڻ لاءِ بين الصوبائي بس سروس استعمال ڪئي ويندي هئي، جوابدار عورت دعويٰ ڪئي ته سندس اڳوڻي مڙس جا 2 ڀائر وڪيل طور ڪم ڪندا آهن ۽ پوليس کان بچڻ لاءِ منشيات سندن چيمبرز ۾ رکي ويندي هئي.
پنڪي جا اڪائونٽ سنڀاليندڙ ذيشان نالي شخص ڪراچي مان گرفتار
ڪراچي (رپورٽر) منشيات ڪيس ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي بابت جاچ اختيارين چيو آهي ته پنڪي جي ٽن ڀائرن خلاف هٿيارن ۽ نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل آهن، جوابدار عورت جو ڀاءُ شوڪت بخش منشيات فروشي لاءِ خاص ڪارندو طور ڪم ڪندو هو، رڪارڊ موجب پنڪي جا 6 ڀائر ۽ 4 ڀينرون آهن، جڏهن ته خاندان بابت وڌيڪ تفصيل به سامهون آيا آهن، جاچ اختيارين موجب خاندان جي ٻين ماڻهن جي منشيات فروشي ۾ ملوث هجڻ جا به انڪشاف ٿيا آهن، اختيارين ٻڌايو ته پنڪي نيٽ ورڪ خلاف جاچ جاري آهي ۽ سندس ڀائرن بابت به جاچ ڪئي پئي وڃي، ذريعن موجب پنڪي جا اڪائونٽ سنڀاليندڙ ذيشان نالي شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ ٻيو اهم جوابدار به تحويل ۾ ورتو ويو آهي، وفاقي حساس اداري ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي دوران پنڪي نيٽ ورڪ جو اهم ڪردار گرفتار ڪيو ويو، ذريعن موجب هڪ عورت ۽ 5 مرد پنڪي جي 6 رڪني گروهه ۾ شامل آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته پنڪي نون گراهڪن لاءِ منشيات رائيڊر بدران مخصوص هنڌن تي رکرائيندي هئي، ذريعن موجب پنڪي جي بئنڪ اڪائونٽن جا تفصيل حاصل ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته منشيات جي خريد ۽ وڪري جون ادائيگيون آن لائن ٿينديون هيون، ذريعن موجب پنڪي هڪ گرام ڪوڪين 15 کان 20 هزار رپين ۾ وڪرو ڪندي هئي، ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن جي جاچ ۾ لاهور ۾ داخل ڪيل ڪيس جي ناقص جاچ سامهون اچي وئي آهي، ذريعن موجب جاچ آفيسر نزاڪت مبينا انسپيڪٽر مڙس جي چوڻ تي پنڪي کي گرفتار نه ڪيو، چالان ۾ پنڪي کي اشتهاري قرار نه ڏنو ويو، صرف گرفتاري ملتوي ڪري چالان مڪمل ڪيو ويو، ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن سيد ذيشان رضا ڪيس جي جاچ تبديل ڪرڻ لاءِ قانوني آفيسرن کان راءِ طلب ڪري ورتي آهي، پوليس رپورٽ موجب جوابدار عورت جو گروهه اسڪولن جي گهٽ عمر ٻارن کي نشانو بڻائيندو هو، رپورٽ موجب گروهه پوش علائقن ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ منشيات سپلاءِ ڪندو هو، پوليس عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ جوابدار عورت جي نيٽ ورڪ کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ جاچ ضروري آهي.
پنڪي فوڊ ڊليوري رائيڊر يونيفارم استعمال ڪندي هئي:جاچ اختياريون
ڪراچي(رپورٽر)منشيات فروش انمول عرف پنڪي پاران فوڊ ڊليوري رائيڊر يونيفارم استعمال ڪري ڪوڪين سپلائي ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو، ذريعن موجب جاچ دوران انمول پنڪي وڌيڪ اهم راز ظاهر ڪيا آهن ۽ پوليس کان بچڻ لاءِ جعلي فوڊ ڊليوري برانڊ يونيفارم استعمال ڪندي هئي، جوابدار عورت موجب منشيات فوڊ ڊيليوري برانڊ جي پيڪنگ ۾ لڪائي سپلاءِ ڪئي ويندي هئي، انمول پنڪي دعويٰ ڪئي ته رانا ناصر کان الڳ ٿيڻ بعد هن هڪ عورت کي ڊليوري لاءِ مقرر ڪيو، جنهن کي هر ٽرپ تي 50 هزار رپيا ڏنا ويندا هئا، جاچ موجب ٻن سالن تائين اهو سسٽم رائيڊرز ذريعي منشيات پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو، پوءِ خرچ وڌڻ سبب هوءَ پاڻ ڀاءُ ناصر سان گڏ ڪراچي منتقل ٿي وئي.
پنڪي ۽ ٻين هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ مسئلا آهن:آزاد خان
ڪراچي(رپورٽر)پنڪي ڪيس سميت هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ سزائن بابت سوال، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پراسيڪيوشن ۾ خامين جو اعتراف ڪيو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ غير رسمي ڳالهه ٻولهه جي دوران چيو ته هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ مسئلا آهن جن کي بهتر بڻايو پيو وڃي، پراسيڪيوشن ۾ ضرور مسئلا آهن، پر پوليس پنڪي ڪيس جي جاچ ۾ ڪا به خامي نه ڇڏي آهي، جيڪڏهن ڪو ٻيو لاپرواهي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته اصل صورتحال تڏهن واضح ٿيندي جڏهن معاملو عدالت ۾ ويندو، هن وڌيڪ چيو ته پنڪي ڪيس جي جاچ اڃا تائين جاري آهي، تنهن ڪري هن مرحلي تي وڌيڪ تفصيل نه ٿا ڏئي سگهجن، هو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ججن جي سيڪيورٽي بابت باقاعده اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ آيو هو.
پنڪي جمهوري ڊرامو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي: فيصل واووڊا
اسلام آباد (بيورو) سينيٽر فيصل واوڊا منشيات فروش پنڪي کي تمغو ملڻ جو منتظر، شاعري به ڪري ڇڏي، سماجي رابطن واري پليٽفارم ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فيصل واووڊا چيو ته انتظار آهي ته منشيات فروش پنڪي کي آخر ڪڏهن تمغو ڏنو ويندو، هاڻي ته اها به تمغي جي حقدار بڻجي وئي آهي، اها ڪا حيران ڪندڙ ڳالهه ناهي ته منشيات فروش کي پنڪي بڻائيندڙ پنڪي حڪمران قيام پاڪستان کان وٺي اڄ تائين پنڪي جمهوري نظام تحت قابض آهن، فيصل واوڊا موجب پاڪستان جي ٻارن ۽ ايندڙ نسلن جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو آهي، جيستائين پنڪي حڪمرانن جو حقيقي احتساب نه ٿيندو، تيستائين هي پنڪي جمهوري ڊرامو هلندو رهندو، جمهوري فيصلن بدران بيوروڪريٽن کان فيصلا ڪرائڻ، ڪوڙا الزام لڳائڻ، پنهنجي نااهلي لڪائڻ، پوسٽر لڳائڻ، ڪوڙا بيانيا ٺاهڻ، جهاز اڏائڻ ۽ زبردستي جلسا ڪرائڻ سان ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي،پنڪي جمهوري ڊرامو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي، هي ته شروعات آهي اڳتي وڏا راز پڌرا ٿيندا.
پنڪي تعليمي ادارن ۾ به منشيات فراهم ڪندي هئي:ذريعا
ڪراچي (رپورٽر) هڪ گرام ڪوڪين 15 کان 20 هزار رپين ۾ وڪرو ڪئي وئي، انمول عرف پنڪي جي منشيات ترسيل جا تفصيل سامهون اچي ويا، ذريعن موجب منشيات فروش انمول عرف پنڪي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن دوران معلوم ٿيو آهي ته پنڪي هڪ گرام ڪوڪين 15 کان 20 هزار رپين ۾ وڪرو ڪندي هئي، ذريعن موجب پنڪي منشيات جي خريد ۽ وڪري جا معاملا آن لائن ڪندي هئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نون گراهڪن لاءِ پنڪي منشيات رائيڊر بدران مخصوص هنڌن تي رکرائيندي هئي، جتان گراهڪ پاڻ منشيات حاصل ڪندا هئا، ذريعن موجب جوابدار عورت ڪراچي جي پوش علائقن ۽ تعليمي ادارن ۾به منشيات جي فراهمي ڪندي هئي، ذريعن موجب منشيات جي فراهمي لاءِ جوابدار عورت جو 6 رڪني گروهه ڪم ڪندو هو، جنهن ۾ هڪ عورت ۽ 5 مرد شامل هئا.
گولڊن اسٽف موجود آهي: پنڪي جو ٽيون آڊيو ميسيج وائرل
ڪراچي (رپورٽر) منشيات فروشي جي الزام هيٺ گرفتار انمول عرف پنڪي جو ٽيون آڊيو ميسيج منظرعام تي اچي ويو، آڊيو ميسيج ۾ پنڪي کي منشيات بابت هڪ گراهڪ سان ڊيل ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو، مبينا جوابدار عورت گراهڪ کي چئي رهي آهي ته رقم جو اسڪرين شاٽ موڪليو، 10 منٽن اندر منشيات پهچي ويندي، آڊيو ميسيج ۾ پنڪي وڌيڪ چيو ته وٽس گولڊن اسٽف موجود آهي، جيڪا تمام زبردست شيءِ آهي، واضح رهي ته ان کان اڳ به پنڪي جون ڪجهه آڊيوز سامهون اچي چڪيون، ياد رهي ته گارڊن پوليس ڪارروائي دوران منشيات فروش عورت کي گرفتار ڪيو هو، پوليس موجب جوابدار عورت وٽان ڪروڙين رپين ماليت جي ڪوڪين ۽ ٻيون نشي آور شيون برآمد ٿيون هيون.
منشيات فروش نرگس جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور
ڪراچي (رپورٽر) منشيات فروشي جي الزام هيٺ گرفتار نرگس عرف ملڪا جو 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو ويو، جوابدار عورت وٽان 60 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي منشيات ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي هئي، جڊيشل مئجسٽريٽ ملير لکين رپين جي منشيات برآمدگي واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار نرگس عرف ملڪا کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،پوليس جوابدار نرگس عرف ملڪا کي 35 ڪلو چرس جي برآمدگي واري ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار کي 3 ڏينهن لاءِ پوليس تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو، جتي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار عورت کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪرڻو آهي، پوليس موجب جوابدار عورت کي خداداد قبرستان جي سواتي پاڙي مان گرفتار ڪيو ويو هو.
مريم نواز، پنڪي نيٽ ورڪ بابت اختيارين کان رپورٽ گهري ورتي
لاهور (بيورو) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پنڪي نيٽ ورڪ بابت اعليٰ پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، ذريعن موجب سي سي ڊي طرفان پنڪي جي نيٽ ورڪ بابت باقاعده جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مبينا مڙس اڳوڻي پوليس انسپيڪٽر رانا اڪرام کي به طلب ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته سي سي ڊي اڳوڻي پوليس انسپيڪٽر کان ڪيس بابت پڇا ڳاڇا ڪندي، جڏهن ته امڪان آهي ته لاهور ۾ داخل ڪيس تحت پنڪي کي به لاهور منتقل ڪيو وڃي، ذريعن موجب ڪوٽ لکپت ۾ داخل ڪيس ۾ جوابدار عورت کي اشتهاري قرار نه ڏنو ويو هو.
سرڪاري ادارن جي اهلڪارن ڪروڙين رپيا رشوت ورتي، پنڪي اداڪارن ۽ سياستدانن جا نالا به وٺي ڇڏيا
You might also like