اسلام آباد(مطيع الله جان) اسٽيبلشمينٽ جي ويجهن حلقن ۾ اهو چيو پيو وڃي ته شايد نئين ترميم تحت آئيني عدالت کي اهو اختيار ڏنو ويندو ته هو فيصلو ڪري سگهي ته ڪنهن صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻو آهي يا نه۔اها ڳالهه ملڪ جي پارليامينٽ جي بي وسي ۽ ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿي۔ جنهن پارليامينٽ کي ماضي ۾ بالادست ادارو سمجهيو ويندو هو، هاڻي اها پنهنجا اختيار پاڻ ڇڏڻ لاءِ تيار نظر اچي رهي آهي،جيڪڏهن پارليامينٽ واقعي اهڙي ترميم منظور ڪري ٿي، جنهن تحت صوبن جي سياسي مستقبل جو فيصلو آئيني عدالت ڪندي، ته اها پارليامينٽ جي وڏي سياسي خودڪشي هوندي۔جج، جيڪي لکين رپيا پگهارون ۽ مراعتون وٺن ٿا، ڇا انهن جو ڪم حڪومت هلائڻ يا صوبن جي عوامي مينڊيٽ بابت فيصلا ڪرڻ آهي؟ هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو اختيار عدالت کي ڏنو ويو ته پوءِ چونڊيل نمائندن ۽ پارليامينٽ جي اهميت ڇا رهندي؟جڏهن ته پارليامينٽ اڳ ئي ايتري ڪمزور ٿي چڪي آهي جو مزاحمت جي قابل نه رهي آهي، پر هاڻي جنهن انداز سان ڪجهه پسنديده اينڪرن ذريعي اهي خبرون هلايون پيون وڃن، ان مان لڳي ٿو ته سياستدانن کي پيغام ڏنو پيو وڃي ته انهن جي ڪا حيثيت ناهي،جڏهن ته پيپلزپارٽي خلاف ڪيس ٻيهر کولڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سياستدان خاص طور تي پيپلز پارٽي “نيب جي فائيلن” جي رحم و ڪرم تي آهن،ذريعن موجب 28هين ترميم ۾ ننڍن صوبن بابت به ڪجهه تجويزون زير غور آهن۔ وڌيڪ ننڍا صوبا ٺاهڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، هن وقت اهڙو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي ته جيئن28 هين آئيني ترميم ۽ خاص طور تي اين ايف سي ايوارڊ بابت پ پ کي پنهنجي موقف ۾ لچڪ ڏيکارڻ تي مجبور ڪيو وڃي،اهو به چيو پيو وڃي ته شايد پوءِ بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ بابت ڪو فارمولو سامهون اچي۔ ان کان علاوه قومي حڪومت ٺاهڻ بابت به ڳالهيون هلي رهيون آهن، ۽ اهي سڀ بحث اهڙي وقت سامهون اچي رهيا آهن جڏهن28هين ترميم تي زور شور سان ڳالهيون جاري آهن ٻئي پاسي تحريڪ انصاف کي صرف “دلجاءِ” ڏني پئي وڃي ته ٿورو انتظار ڪيو۔ پي ٽي آءِ طرفان هن وقت تائين ڪنهن وڏي احتجاجي تحريڪ جو اعلان نظر نٿو اچي۔تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي تحريڪ به هاڻي خاموش ۽ ٿڌي نظر اچي رهي آهي، ڄڻ سڀ ڌريون ڪنهن “سٺي وقت” جي انتظار ۾ آهن۔