لاهور(امداد سومرو ) اسلام آباد ۾ جيڪا بيچيني ۽ سياسي افواهه هلي رهيا هيا، هاڻي انهن بابت اصل خبرون سامهون اچڻ شروع ٿي ويون آهن۔ خاص طور تي پ پ، مسلم ليگ ن ۾ مبينا 28هين آئيني ترميم بابت اختلاف نمايان ٿي رهيا آهن۔بلاول ڀٽو زرداري ڪالهه صحافين سان ڳالهائيندي حڪومت آڏو واضح آپشن رکي ڇڏيو آهي۔ سندس چوڻ موجب جيڪڏهن پيپلز پارٽي جا مطالبا مڃيا ويا ته اتحاد جاري رهندو، ٻي صورت ۾ پارٽي نظرثاني ڪندي ته حڪومت سان گڏ رهڻو آهي يا الڳ ٿيڻو آهي۔بلاول ڀٽو زرداري جي هن بيان کان پوءِ اهو واضح ٿي ويو آهي ته حڪومت تي سياسي دٻاءُ وڌي رهيو آهي،ملڪ هن وقت شديد مالي بحران جو شڪار آهي ۽ اهو دٻاءُ هاڻي وفاق کان صوبي تائين منتقل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي،جڏهن ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ ترميم ۽ صوبن جو حصو گهٽائڻ بابت تجويزون انتهائي سنجيده مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن۔ شروعات ۾ حڪومتي وزير نئين ترميم جي ترديد ڪندا رهيا، پر پوءِ ساڳيا وزير پاڻ چوڻ لڳا ته ترميم ضروري آهي، ڇو ته وفاق مالي بحران ۾ آهي ۽ صوبن کي ايندڙ حصو تمام گهڻو آهي۔ صحافي رؤف ڪلاسرا دعويٰ ڪئي آهي ته 28هين ترميم شايد 8 جون کان اڳ اچي سگهي ٿي، جڏهن ته وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ان جي ترديد ڪئي آهي۔ ڪجهه حلقن ۾ اها ڳالهه به هلي رهي هئي ته آصف علي زرداري شايد ڪنهن ڊيل تحت ترميم جي حمايت ڪري ۽ ان جي بدلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻايو وڃي، پر ذريعن موجب اهڙو ڪو باضابطه فارمولو موجود ناهي، شروعاتي مرحلي ۾ اقتدار جي ورهاست بابت ڳالهه ضرور ٿي هئي، جنهن تحت اڍائي سال مسلم ليگ (ن) ۽ اڍائي سال پيپلز پارٽي حڪومت هلائي، پر بلاول ڀٽو زرداري اهو تجويز رد ڪندي چيو هو ته مسلم ليگ (ن) پنج سال حڪومت ڪري سگهي ٿي، پر پيپلز پارٽي جي منشور ۽ مطالبن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي۔هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد پهچڻ بعد پارٽي قيادت سان ملاقاتون ڪيون، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن شهباز شريف پڻ آصف علي زرداري سان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، جيڪا غيرمعمولي سمجهي وئي۔ان کان پوءِ پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن بعد بلاول ڀٽو زرداري ياد ڏياريو ته ڇويهين ۽ ستاويهين آئيني ترميمن دوران پيپلز پارٽي صوبن جي حقن جي حفاظت ڪئي هئي ۽ صوبن کان تعليم، صحت ۽ معدنيات جهڙا اختيار واپس وٺڻ نه ڏنا هئاذريعن موجب پيپلز پارٽي اڃا تائين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي۔ البته جيڪڏهن دفاعي خرچن لاءِ وفاق کي عارضي مدد جي ضرورت پئي ته صوبا ڪجهه تعاون ڪري سگهن ٿا، پر مستقل طور صوبن تي اضافي مالي بار وجهڻ ممڪن ناهي، ڇو ته پوءِ صوبا صحت، تعليم، روڊن ۽ ٻين ترقياتي منصوبن کي ڪيئن هلائيندا؟