ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي سوشل ميڊيا تي بيان بازي کان روڪي ڇڏيو.
جاري ڪيل بيان ۾ نثار کهڙي چيو آهي ته 12 مئي تي سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جو موقف پيش ڪرڻ چاهيو هو، اسپيڪر سان اختلافن ۽ پارٽي ۾ ڌڙا بندي وارو تاثر بلڪل غلط آهي.
پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ڪنهن به منصب تي ويٺل اڳواڻ ۽ عهديدار پارٽي ظابطن تي عمل ڪرڻ جا پابند آهن، سنڌ جي مسئلن تي پيپلز پارٽي جو موقف ڏيڻ ۽ پارٽي جو دفاع ڪرڻ منهنجي ذميواري آهي.
هن چيو ته مان هر فورم تي پنهنجي ذميواري هر صورت ۾ ادا ڪندو رهندس.
نثار کهڙي جو چوڻ هو ته پارٽي قيادت جنهن کي جنهن منصب تي ويهاري ٿي ان جي عزت ڪرڻ سڀني تي فرض آهي، عهديدار ڪنهن به منصب تي ويٺل پارٽي اڳواڻ خلاف بيان بازي کان پاسو ڪن.