رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ليگ جي ميزباني ڪندو.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، سعودي عرب پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ليگ جي ميزباني ڪندو.
”ڊيونس ليگ“ ٽي ٽوئنٽي ۾ رٽائرڊ رانديگرن جي شرڪت جي اميد آهي، ليگ جي سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
رپورٽن موجب، هن ليگ ۾ ويجهڙائي رٽائر ٿيندڙ ڪرڪيٽر شريڪ ٿيندا، ڇهن ٽيمن تي ٻڌل هيءَ ليگ آڪٽوبر ۾ ڪرائڻ جو امڪان آهي، ٽورنامينٽ جون ميچون طائف ۾ کيڏيون وينديون.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ليگ ۾ رانديگرن کي وڌ ۾ وڌ هڪ لک ڊالرن تائين معاوضو ملڻ جو امڪان آهي.