نيٽ فلڪس تي واهپيدارن جي جاسوسيءَ جو الزام، اربين ڊيٽا پوائنٽس ذريعي ڪروڙين ڊالر ڪمائڻ جو انڪشاف

ٽيڪساس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ اسٽريمنگ ڪمپني نيٽ فلڪس خلاف هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ان تي واهپيدارن جي جاسوسي ۽ راضپي کانسواءِ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جا سنگين الزام لڳايا ويا آهن.
ٽيڪساس جي اٽارني جنرل ڪين پيڪسٽن طرفان داخل ڪيل شڪايت ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نيٽ فلڪس ٻارن ۽ بالغن جي ڊيٽا سندن راضپي کانسواءِ گڏ ڪري ٿو.
ڪمپني تي الزام آهي ته اها واهپيدارن کي مسلسل مصروف رکڻ لاءِ ”لت لڳائيندڙ“ (ايڊيڪٽيو) حڪمت عمليون، جهڙوڪ آٽو پلي استعمال ڪري ٿي.
اٽارني جنرل موجب، نيٽ فلڪس واهپيدارن جي رويي بابت اربين ڊيٽا پوائنٽس رڪارڊ ڪري منافعو ڪمائي ٿو.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني 2022 ۾ ٻارن ۽ فيمليز جي ڊيٽا ڊيٽا بروڪرز سان شيئر ڪئي ته جيئن پنهنجي آمدني وڌائي سگهي.
ٻئي پاسي نيٽ فلڪس سمورا الزام رد ڪندي انهن کي بي بنياد، غلط ڄاڻ تي ٻڌل قرار ڏنو آهي.
ڪمپني جي ترجمان موجب، هو واهپيدارن جي پرائيويسيءَ جو پورو خيال رکن ٿا ۽ ڊيٽا جي تحفظ وارن قانونن جي مڪمل پاسداري ڪن ٿا.
نيٽ فلڪس ان ڪيس کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اٽارني جنرل ڪين پيڪسٽن عدالت کان گهر ڪئي آهي ته نيٽ فلڪس کي ”دوکي سان حاصل ڪيل“ ڊيٽا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
ان کانسواءِ هن اِهو به مطالبو ڪيو ته ٻارن جي پروفائلز تي آٽو پلي وارو فيچر بند ڪيو وڃي ۽ واهپيدارن جي ڊيٽا اشتهارن لاءِ استعمال ڪرڻ روڪي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.