اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوآهي ته 28هين ترميم تي اڃا ڪي به ڳالهيون ناهن ٿيون،سڀاڻي جي خبر ناهي،28هين ترميم تي ردعمل تڏهن ڏيندس جڏهن ڪا ڳالهه سامهون اچي، اسلام آباد ۾ پ پ پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام لاءِ مشڪلات هونديون،بجيٽ بابت حڪومت سان ڳالهين لاءِ چار رڪني ڪميٽي ٺاهي آهي،پ پ جي حمايت کان بغير بجيٽ ۽ آئيني ترميم پاس نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته پاڪستان جو عوام مشڪل ۾ آهي،عوام تي مهانگائي جا بم ڪري رهيا آهن،پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي حڪومت تي تنقيد نه ڪندس،وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ اضافو عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن مطابق ڪيو،عوام کي رليف ڏيڻو آهي، 28هين ترميم بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته کيس خبر ناهي ته ڪهڙي وفاقي وزير جو ذڪر ڪيو پيو وڃي،هر ڪنهن کي پنهنجي راءِ رکڻ جو حق آهي، جيئن کيس به ڪنهن ڳالهه کي مڃڻ يا نه مڃڻ جو حق حاصل آهي۔ هن چيو ته حقيقت اها آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت جي حمايت ڪري رهي آهي ڪنهن به آئيني ترميم، بجيٽ يا قانونسازي بابت پارٽي قيادت جي اجازت کانسواءِ ڪو به فيصلو ممڪن ناهي هن چيو ته بجيٽ ته ايندڙ مهيني اچڻي آهي، پر هيل تائين ان حوالي سان ڪا سنجيده ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي، تنهنڪري هاڻي جلد ڪنهن آئيني ترميم جو اچڻ مشڪل لڳي ٿو، باقي ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياست ڪن ٿا ۽ پنهنجا مسئلا اٿارين ٿا، پر اهي معاملا اڃا تائين سندس سامهون نه آندا ويا آهن ۽ نه ئي هن اهڙيون هدايتون ڏنيون آهن،26هين ۽ 27هين ترميم ۾ صوبن لاءِ حق ورتا،سپريم ڪورٽ،آئيني عدالتن ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي پ پ جي ڪري ٿي،هن چيو ته وزيراعظم صوبن کي درخواست ڪئي آهي ته مهانگائي جي خاتمي ۾ وفاق جي مدد ڪن،پيٽرول بابت موٽرسائيڪل سوارن کي رليف ڏنو پيو وڃي ،هن چيو ته هن وقت حڪومت تي تنقيد ڪرڻ مناسب نٿو سمجهي۔ هن چيو ته پيٽروليم ليوي يا ٻين فيصلن بابت يقيناً حڪومت عالمي حالتن ۽ معاشي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪيا هوندا۔هن چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل عالمي سطح تي امن قائم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪري رهيا آهن، ڇو ته پاڪستان جا ماڻهو سخت معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومتي بينچن تي ويٺي آهي ۽ ملڪ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي۔ جڏهن سندن ايم اين ايز پنهنجن تڪن ۾ وڃن ٿا ته کين عوام جا ڏک ٻڌڻا پون ٿا، تنهنڪري اهي مسئلا وفاقي ۽ صوبائي سطح تي اٿاريندا رهن ٿا۔هن وڌيڪ چيو ته جڏهن بحران شروع ٿيو ته وزيراعظم عوام کي رليف ڏيڻ جا قدم کنيا، جن کي پيپلز پارٽي ڀليڪار ڪيو۔ هڪ مهيني کان پوءِ صدر پاڪستان سڀني صوبن جي نمائندن کي ايوان صدر ۾ گهرايو، هن چيو ته هو هن وقت عوامي سطح تي شڪايتون ڪرڻ مناسب نٿو سمجهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي،هن چيو ته ايران ۽ ٻين علائقائي تڪرارن سبب معاشي مشڪلاتون وڌيڪ وڌي رهيون آهن۔ جيڪڏهن سڀاڻي مڪمل امن به قائم ٿي وڃي، تڏهن به معاشي مسئلا ختم ٿيڻ ۾ وقت لڳندو۔ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت کي صلاحون ڏئي سگهي ٿي ته ايندڙ بجيٽ اهڙي طريقي سان تيار ڪئي وڃي، جنهن سان عوام کي رليف ملي ۽ معاشي موقعا پيدا ٿين۔هن چيو ته جڏهن ملڪ تي مشڪل وقت اچي ٿو ته هر پاڪستاني هڪ ٿي وڃي ٿو۔ ڀارت سان تڪرار دوران مون هڪ محب وطن پاڪستاني جي حيثيت ۾ عالمي ميڊيا ۾ ڀارت جي پروپيگنڊا جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي،آمريڪا ايران جنگ دوران ڳالهين بابت مون کي ڪا به آڇ نه ڪئي وئي، هن چيو ته اسان جا يو اي اي ۽ سعودي عرب سان سٺا لاڳاپا آهن،پاڪستان ايران تي حملن جي مذمت ڪئي،ايران کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ ميزائل گڏيل عرب امارات تي ڪريا،