ملير ( ڊ ر) لانڍي جيل مان قيدي جي فرار ٿيڻ واري واقعي جو صوبائي وزير جيلز علي حسن زرداري سخت نوٽيس وٺندي ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي جي هدايت جاري ڪري ڇڏي۔ قيدي سيد طاهر عرف نويد پولڪا جي لانڍي جيل مان فرار ٿيڻ واري معاملي تي جيل کاتي جي لاڳاپيل ذميوار آفيسرن کي معطل ڪري سندن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي۔ علي حسن زرداري چيو آهي ته قيدي جي فرار ٿيڻ واري واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ لاءِ واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن۔ معلوم ڪيو وڃي ته قيدي آخر جيل مان ڪيئن فرار ٿيو ۽ ان ۾ ڪنهن ڪنهن جي غفلت يا لاپرواهي شامل هئي. هن وڌيڪ چيو ته سنگين غفلت ۾ ملوث آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف سخت قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ۽ ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي ويندي۔ علي حسن زرداري جيل اختيارين کان واقعي بابت تفصيلي رپورٽ پڻ طلب ڪندي جيلن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مؤثر ۽ سخت بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن،هوڏانهن صحافي ولي بابر قتل ڪيس ۾ پوليس اهلڪارن جي مبينا غفلت تي نئين پيش رفت سامهون آئي آهي، جتي اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ طرفان داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڪجهه پوليس اهلڪارن تي لاپرواهي جو الزام لڳايو ويو آهي۔رپورٽ موجب هيڊ ڪانسٽيبل اشرف، پوليس ڪانسٽيبل نور احمدبلوچ ۽ پوليس ڪانسٽيبل هادي کي هن واقعي ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي۔ولي بابر ڪيس جي فيصلي ۾ فيصل محمود ۽ ڪامران عرف ذيشان کي ڦاهي، جڏهن ته سيد طاهر نويد، محمد علي رضوي، فيصل محمود ۽ محمد شاهرخ خان کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي هئي،جوابدارن طرفان ان فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي آهي، جيڪا اڃا تائين ٻڌڻي هيٺ آهي۔