ميهڙ جي نياڻي اجالا پروين جي آزادي لاءِ سوين ماڻهن جو پنڌ مارچ، ڌرڻو

ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميهڙ ۾ ڪيترن ڏينهن کان گم ٿيل ٻارڙي اجالا پروين سولنگي جي آزادي لاءِ والد شمس الدين سولنگي جي اڳواڻي ۾ اياز ڪالوني سينڌل مهيسر کان 5 ڪلو ميٽر پنڌ مارچ مارچ ڪري  گهنٽا گهر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميهڙ تائين پنڌ مارچ مارچ ڪيو ويو، پنڌ مارچ مارچ ۾ شهري اتحاد ميهڙ جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو، پي ٽي آءِ تعلقي صدر محمد ايوب کوسو، ايس يو پي ضلع دادو صدر سڪندر سوڍر، اي جي پي ضلع اڳواڻ وڪيل سعيد پنهور، جي يو آء ضلع جنرل سيڪريٽري حافظ اظهار الحق صديقي، سولنگي ويلفيئر ايسوسيئيشن اڳواڻ عرفان سولنگي، حافط محمد نواز سولنگي، قومي عوامي تحريڪ ضلع صدر وڪيل مير کوسو، پ ٽ الف تعلقي صدر اعجاز منگي، سڪندر هالو،آبادگار اڳواڻ اڪبر سوڍر، وڪيل عابد ڪلهوڙو ، مير شڪيل عطار، سردار سولنگي، رحمت الله سولنگي ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن استادن، شاگردن هر مڪتب فڪر جي اڳواڻن، معصوم ٻارڙن سميت وڏي انگ ۾ سولنگي برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي مظاهري ۾ شامل ماڻهن هٿن ۾ بينر، پينافليڪس، تصويرون کڻي ٻارڙي اجالا پروين سولنگي جي آزادي لاءِ نعريبازي ڪئي اڳواڻن نيشنل پريس ڪلب ميهڙ جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 27 ڏينهن گذرڻ باوجود به ٻارڙي اجالا پروين سولنگي بازياب نه ٿي سگهي آهي سنڌ سرڪار، تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ پوليس جي خاموشي تي انتهائي افسوس آهي جيڪي هڪ معصوم ٻارڙي جي آزادي لاءِ سنجيده نه آهن، هنن چيو ته جيڪڏهن حڪمران ڌرين ۽ ڪنهن بااثر جي نياڻي اغوا ٿئي ها ته حڪومتي نمائندا ۽ فورس جا ادارا رڻ ٻاري ڏين ها سموري سنڌ ۽ پاڪستان کي بند ڪرائي ڇڏين ها پر هڪ پرائمري استاد شمس الدين سولنگي جي نياڻي ۽ ميهڙ واسڻ ٻارڙي جي آزادي لاءِ ڪو به ادارو سنجيده نه آهي ۽ نه وري جوڙيل پوليس آفيسرن جي ٽيم ڪو ٻوٽو ٻاري سگهي آهي پنڌ مارچ مارچ ۾ شامل معصوم ٻارڙين به روئندي دانهيو ته اسان جي معصوم شاگردياڻي اجالا پروين جي اغوا واري واقعي بعد اسان ٻارڙن ۾ خوف حراس پکيڙجي ويو آهي اسين اسڪول نه ٿا وڃي سگهون، هنن چيف آف آرمي، چيف جسٽس سنڌ ۽ حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته خدارا اسان جي معصوم ٻارڙي اجالا پروين سولنگي کي بازياب ڪرائي ولدين ۽ ميهڙ واسين مان ڳڻتي ختم ڪئي وڃي جيستائين ٻارڙي بازياب نه ٿيندي ته اسان جي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.