سجاول جوڻيجو ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان ۽ معصوم پٽ قتل، 3 زخمي

شهدادڪوٽ/ سجاول جوڻيجو(رپورٽ: ثمر ڀٽي/ وحيد علي مگسي) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڪار سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان پنهنجي معصوم پٽ سميت قتل، زال ۽ ٻه ٻار سخت زخمي ٿي پيا، پوليس موجب مقتول سجاد تونيو تقريبن 8 سال اڳ رتوديرو واسڻ رخسانا بروهي سان عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته واقعو سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڀنڊ چوڪ ڀرسان پيش آيو ، ڪار ۾ سوار هٿياربندن موٽر سائيڪل تي ويندڙ مڙس، زال ۽ معصوم ٻارن مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 32 ورهين جو سجاد تنيو، 5 ورهين جو معصوم پٽ رحمان ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته زال رخسانا، معصوم ٻارڙا ڌيءَ  اميدان ۽ پٽ ايمان مرڻينگ ٿي پيا، واقعي بعد جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا، ٻي پاسي واقعي جي اطلاع تي سجاول جوڻيجو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمي عورت ۽ سندس ٻارڙن کي اسپتال کڻائي آندو جتان لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته عورت ۽ ٻارڙن کي طبي امداد ڏيئي لاڙڪاڻي منتقل ڪيوويو، واقعي بابت وارثن جو چوڻ آهي ته مقتول سجاد تنيو پنهنجي زال رخسانا ۽ ٽن معصوم ٻارڙن سان گڏ موٽر سائيڪل تي ميروخان کان پنهنجي ڳوٺ ڦلهڙي ڏانهن واپس اچي رهيو هو ته پٺيان ايندڙ ڪار سوار هٿياربندن مٿن حملو ڪيو جنھن ۾ سجاد علي تنيو ۽ سندس پنج ورهين جو پٽ رحمان تنيو ٿڏي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته سندس زال رخسانا ۽ معصوم ٻارڙا پٽ ايمان ۽ ڌيءَ اميدان سخت زخمي ٿي پيا، واقعي جي ڪارڻ بابت علائقي ۾ چوٻول آهن ته 8 سال اڳ مقتول سجاد تونيو ۽ رتوديرو واسڻ رخسانا بروهي پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن تان رخسانا بروهي جا وارث مٿن ڪاوڙيل هئا ۽ انهن ئي حملو ڪري اهڙو  واقعو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.