حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ گڏيل چٽا ڀيٽي جي امتحانن واري اداري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مٿان امتحانن ۾ ميرٽ جي لتاڙ جو الزام مڙهي احتجاج ڪندڙ نامعلوم نوجوانن ۽ اداري خلاف سوشل ميڊيا تي لکندڙ ۽ وي لاگرن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان داخل ڪرايل ڪيس ۾ احتجاج ڪندڙن ۽ ان خلاف لکندڙن کي نامزد ڪيو ويو آهي. حيدرآباد جي. جي آر ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ دهستگردي ۽ پيڪا ايڪٽ وارا قلم شامل ڪيا ويا آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري محمد مصطفيٰ جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ٿڌي سڙڪ تي قائم آفيس سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري گهيراءُ ڪرڻ سبب آفيس جو ڪم ڪار سخت متاثر ٿيو ۽ عملي ۾ خوف پکڙجي ويو. ايف آء آر ۾ ڄاڻايو ويو ته سوشل ميڊيا جي وي لاگرن ۽ پاڻ کي صحافي سڏائيندڙ امتياز چانڊيو. فياض حسين شر ۽ رفيع الله قريشي نوجوانن کي پنهنجي فيس بڪ ذريعي جاري ڪيل وڊيو ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس جو گهيراءُ ڪرڻ لاءِ اتساهيو ۽ نوجوانن جن کي آفيس جي لڳل سي سي ٽي جي فوٽيج ۾ ڏسي سڃاڻي سگهجي ٿو. انهن جي احتجاج جي آڙ ۾ انهن سوشل ميڊيا جي وي لاگرن اداري جي چيئرمين خلاف گٿا لفظ ڳالهائي اداري جي ساک کي متاثر ڪيو آهي ۽ احتجاج ۾ شامل اميدوارن پنهنجين تقريرن دوران اداري جي چيئرمين کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون. ياد رهي ته سال 2024 جي اميدوارن ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو هو. جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن امتحان ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪري پيسن ۽ سفارش عيوض منسپند ماڻهن کي پاس ڪري اهل اميدوارن کي نظرانداز ڪيو آهي. هوڏانهن ايس پي ايس سي جي ترجمان بيان ۾ چيو هو ته اداري پاران ميرٽ جو خاص خيال رکيو ويندو آهي. پر ڪجهه ماڻهو ۽ وي لاگر ڪوڙا الزام مڙهي اداري خلاف گٿا لفظ ڳالهائين ٿا. جنهن ڪري اداري جي ساک متاثر ٿئي ٿي. هاڻ ڪنهن کي به هن اداري خلاف ڳالهائڻ نه ڏنو ويندو. جيڪو به اداري جي ساک متاثر ڪندو ان خلاف قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا نتيجا تڪراري بڻجي ويا:رياض چانڊيو
حيدرآباد( پ ر)جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ مرڪزي باڊي جو اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس حيدرآباد ۾ تي ٿي گذريواجلاس ۾ چيو ويو تـ سنڌ تي مستقل قابض قوتن اسان جي انساني ترقي جا بي تحاشا وسيلا لٽي ھٿرادو بک ۽ بدحالي بيمارين جي حوالي ڪيو آھي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آھي صحت جا ادارا موت گھر بڻيل آھن پيئڻ جي پاڻي کان ويندي زراعت لاءِ پاڻي ختم ڪيو ويو آھي زرعي معيشت تباھ ڪري سنڌ ۾ ماحولياتي تباھي جي شروعات ڪئي وئي آھي ،اجلاس ۾ چيو ويو ته سڄي پنجاب ڪي پي ۽ افغانستان بلوچستان مان سنڌ طرف مستقل لڏ پلاڻ جاري آھي جنهن ۾ زمينن تي قبضي کان ويندي نوڪرين ۽ ترقي جي وسيلن تي قبضا ٿي رهيا آهن،ڌرتي ڌڻي بک ۽ بيروزگاري جي حوالي آھن فوري طور تي پاڪستان سٽيزن ايڪٽ ختم ڪري ٻاھران آيلن کي ڪڍيو وڃي ۽ انھن کي معاشي پناھگير ڊڪليئر ڪري انھن کان ووٽ سنڌ ۾ ڏيڻ جو حق کسيو وڃي،انهن جا پي آر سي ۽ ڊوميسائيل انھن جا رد ڪيا وڃن انھن جون ملڪيتون سنڌ حڪومت پنهنجي تحويل ۾ وٺي ۽ انھي پراپرٽي جي کين رقم ادا ڪري اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌوءَ تي ڪئنالن جي غيرقانوني تعمير جاري آھي ۽ انھي تي پيپلزپارٽي جي مجرمانا خاموشي اختيار ڪيو ويٺي آھي 28 ترميم آڻڻ واري پلاننگ ۾ ھي ڳالھه به شامل آھي تـ پاڪستان جي مرڪزي اسيمبلي کي اھو اختيار ڏنو وڃي ته صوبن جي جاگرافي حدن ۾ ڦيرڦار ڪري سگھي ٿي جنھن ذريعي ھو وڌيڪ صوبا جوڙي سگھندا ۽ سنڌ جو قومي وجود مڪمل ختم ڪيو ويندو اجلاس ۾ ان عمل جي سخت نندا ڪئي وئي تـ نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو ھڻندي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ من پسند ماڻھو ڪامياب قرار ڏنا ويا آھن قابل نوجوانن جي محنت تي پاڻي ڦيريو ويو آھي جنھن جي مزمت ڪيون ٿا
پبلڪ ڪميشن غريب ۽ ذهين ٻارن لاءِ آخري سهارو هو:سماجي ردعمل
ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا سي سي اي 2024ع جا نتيجا بحث جو موضوع بڻيل آهن،ماروي ميمڻ نالي صارف ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس غريب ۽ ذهين ٻارن لاءِ آخري سهارو هو، پر هاڻي مڪمل طور تي بدعنواني جي ور چڙهي ويو آهي۔هن الزام لڳايو آهي ته امير، وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جا اهي پٽ يا ڌيئرون، جيڪي وفاقي سطح جي مقابلي واري امتحانن ۾ بار بار ناڪام ٿين ٿا، سي سنڌ جي سروس ڪميشن مان سٺا نمبر کڻي آفيسر بڻجي رهيا آهن۔ماروي ميمڻ موجب سترهين گريڊ جي نوڪرين جا امتحان به هاڻي وڏي پئماني تي پئسن جي بدلي ۾ پاس ٿي رهيا آهن، جنهن سبب ميرٽ سسٽم متاثر ٿي رهيو آهي،علي عامر لکيو ته ڪيترائي شاگرد گڏجي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نتيجن خلاف درخواستون داخل ڪري رهيا آهن ۽ مان وڪيلن جي تنظيمن (بار ايسوسيئيشنز) کي اپيل ڪندس ته اهي به هن معاملي ۾ شاگردن جي آواز بڻجن۔خاص طور تي سنڌ بار ڪائونسل کي هزارين متاثر شاگردن جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي، جيڪي سندس مطابق “ڪرپٽ سسٽم” جو شڪار ٿيا آهن۔ هو اهو به الزام هنيو ته ڪجهه امير طبقو وڏي رشوتن ذريعي فائدو حاصل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڪيترائي اهل اميدوار نظرانداز ٿي ويا آهن،صحافي امتياز چانڊيو لکيو ته حيدرآباد ۾ سندس خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ته جيئن آواز بند ڪيو وڃي، جڏهن ته هن چيو ته اهي قدم اصل ۾ نوجوانن کي خاموش ڪرائڻ ۽ نوڪريون وڪرو ڪرڻ جي نظام کي بچائڻ لاءِ کنيا پيا وڃن۔استاد راهي سومرو لکيو ته سکر مان هڪ صوبائي وزير جو ڀائيٽيو ڪميشن ۾ پاس ڪيئن ٿي ويو؟وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٿيندڙ بي قاعدگين ۽ ان خلاف آواز اٿاريندڙ سوشل ورڪرز خلاف غيرقانوني ڪارروائي جي سخت مذمت ڪريون ٿا،عامر نالي صارف لکيو ته سنڌ جي اهم آئيني شخصيت جي پي ايس جو ڀائيٽيو به ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ويو،هڪ صوبائي وزير جي پي ايس جو ڀائيٽيو به ڪميشن ۾ پاس ڪيو ويوشهاب حيدر لکيو ته 2024ع جي امتحان جي متاثر نوجوانن سان انصاف ٿيڻ گهرجي،ايڊووڪيٽ احمد کوسي لکيو ته نتيجن خلاف احتجاج ڪندڙن ۽ ڳالهائيندڙن تي دهشتگردي ڪيس جي مذمت ڪريان ٿو،ارسلان چانڊيو لکيو ته اهو معاملو بدعنواني ۽ ميرٽ جي مسلسل قتل عام جو هڪ ٻيو باب آهي،شعيب الرحمان لکيو ته سنڌ ۾ حالتون هاڻي ايئن ٿي چڪيون آهن ته پ پ جي بدانتظامي،نااهلي ،ڪرپشن ۽ نوجوانن جي مستقبل سان کيڏڻ خلاف آواز اٿارڻ به ڏوهه بڻايو ويو آهي،فياض حسين شر لکيو ته پ پ جي نام نهاد جمهوريت ۾ اسان خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ڇو ته اسان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپشن خلاف ڳالهايون ٿا،انيس ڪنهڙ لکيو ته هڪ اڳوڻي صحافي ۽ موجوده ڪاموري جي پٽ کي ڪراچي ڏکڻ جي ڊوميسائل تي پاس ڪرايو ويو،صحافي شوڪت زرداري لکيو ته پبلڪ سروس ڪميشن ميرٽ وڪرو ڪري سگهي ٿر پر جيڪڏهن توهان ان تي ڳالهايو ته دهشتگرد قرار ڏنا ويندا،سنڌ ۾ ميرٽ ۽ جمهوريت جو جنازو نڪري ويو آهي
ميرٽ جو قتل عام ٿي رهيو آهي:حليم عادل شيخ
ڪراچي (پ ر) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر عليم عادل شيخ چيو آهي ته ڪراچي شهر جي تباهي هجي يا ٻين شهرن جي بربادي، سنڌ حڪومت تباهي ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي، وڊيو بيان ۾ هن چيو ته اڳ ۾ صرف روڊ، واهه ۽ انفراسٽرڪچر تباهه هو، هاڻ تعليم، صحت ۽ روزگار جو نظام به مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي، سنڌ جي اسڪولن ۾ ٻارن کي ڪتاب ناهن ملندا، اسپتالن ۾ دوائون ناپيد آهن، لکين ٻار تعليم کان محروم آهن، 18 سالن ۾ 30 هزار ارب رپين جي بجيٽ اچڻ باوجود سنڌ جا ماڻهو بنيادي سهولتن کان محروم آهن، هن چيو ته گريڊ 1 کان وٺي گريڊ 15 تائين نوڪريون ميرٽ بدران سفارش ۽ اقربا پروري جي بنياد تي ورهايون ويون آهن، هاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ بدترين ڪرپشن ۽ اقربا پروري نوجوانن جو مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي، سنڌ جي نوجوانن ۽ عوام کي جاڳڻو پوندو، پنهنجن حقن لاءِ بيهڻو پوندو، عوام کي نه تعليم ملي رهي آهي، نه علاج، نه روزگار، ۽ نه ئي هارين کي ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ڪمند جو مناسب اگهه ڏنو پيو وڃي، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر کان ٿرپارڪر تائين سڄو سنڌ تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي، سڄي سنڌ جي پريس ڪلبن آڏو نوجوان روزگار لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن، سوشل ايڪٽوسٽ عورتن کي به آواز بلند ڪرڻ تي گرفتار ڪيو پيو وڃي، اها سنڌ حڪومت جي آمريت آهي، سنڌ جي عوام کي پيپلزپارٽي خلاف اٿي بيهڻو پوندو، ظلم ۽ ناانصافي هاڻ برداشت کان ٻاهر ٿي چڪي آهي، يونيورسٽي روڊ کان وٺي ڪچي وارن علائقن تائين هر هنڌ ڪرپشن عام ٿي چڪي آهي.
وزيرن،ڪامورن جو اولاد، مٽ مائٽ نوازجي رهيا آهن:سهيل ميمڻ
ڪراچي(عوامي آواز نيوز) حيدرآباد ۾ متاثر اميدوارن پاران سي سي اي 2024ع جي نتيجن خلاف احتجاج ڪيو ويو،متاثر اميدوارن چيو ته سي سي اي 2024ع ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي، عدالتن جو در به کڙڪائينداسين، قانوني ماهر سهيل ميمڻ هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جي غريب ۽ هوشيار ٻارن لاءِ صرف واحد ادارو اهي،پر اهو ادارو به سنڌ جي ٻين ادارن جيان سالن کان يرغمال بڻيل آهي،کلي عام نوڪرين جو ڪاروبار ٿي رهيو آهي،اسان ان معاملي تي ڪيترائي ڀيرا عدالتن ۾ ويا آهيون،هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا واضح هدايتون به ايل آهن،ان ۾ اهو به چيو ويو هو ته ٿيوري جي امتحان کانپوءِ انٽرويو ڪئميرا ۾ رڪارڊ ڪريو،پر ان تي عمل نٿو ٿئي،پاڻ ئي ويهي 4 مان 40 مارڪون ،50 کان 100 مارڪون ڪري ڇڏين،ڪا پرواهه ئي ناهي،ٿيوري ۾ ڪيترائي نوجوان ۽ ڇوڪريون پاس ٿيون پر انٽرويو ۾ کين فيل ڪيو ويو،ان جا ڪيترائي مثال آهن،ميرٽ جو جنازو نڪتل آهي،وزيرن،مشيرن،ڪامورن جو اولاد ،مٽ مائٽ پاس ٿي رهيا آهن،هن چيو ته اها عجيب ڳالهه آهي،هڪ هڪ گهر مان ٽي ٽي چار ڄڻا پاس ٿي رهيا آهن،معنيٰ ميرٽ رڳو اشرافيه جي گهرن ۾ پيدا ٿي آهي؟عدالتن ۾ وڃون ٿا ڪيس ڊگها هلن ٿا،افسوس جوڳي صورتحال آهي،متاثر نوجوان هر ڀيري هر امتحان کانپوءِ روڊن تي آهن،ٿي سگهي ٿو ڪٿي ڪٿي احتجاج غيرضروري به هجي،پر 90 سيڪڙو اهو احتجاج درست آهي،ناانصافي ٿي رهي آهي،هن چيو ته هن اداري مان اميدون ختم ٿي ويون آهن،اسان جي نوجوان کي پرائيوٽ شعبي ڏانهن اچڻ گهرجي،عالمي سيڪٽر ڏانهن وڌڻ گهرجي،