راولپنڊي(عوامي آواز نيوز) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته هر بيگناهه پاڪستاني جي خون جو بدلو ورتو ويندو، جڏهن ته “معرڪه حق” رڳو ٻن ملڪن وچ ۾ جنگ نه هئي پر ٻن نظرين وچ ۾ فيصلائتو مقابلو هو، جنهن ۾ باطل کي شڪست آئي۔جي ايڇ ڪيو ۾ “معرڪه حق” جي ياد ۾ ٿيل خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته اڄ جو ڏينهن سڄي قوم لاءِ فخر جو باعث آهي، هڪ سال اڳ پاڪستان کي بي مثال ڪاميابي ملي ۽ دشمن قومي عزم کي نقصان پهچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، جنهن جو هٿياربند فوجن ڀرپور جواب ڏنو۔هن چيو ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات کان 10 مئي تائين دشمن پاڪستان جي قومي وقار کي آزمائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڪستاني فوج دشمن جي جارحيت کي ناڪام بڻائي ڇڏيو۔ سندس چوڻ هو ته مئي 2025ع جو معرڪو اوچتو پيش آيل واقعو نه هو، ماضي ۾ به دشمن پاڪستان تي بي بنياد الزام لڳائيندو رهيو آهي، پر هر ڀيري کيس شڪست ملي۔فيلڊ مارشل چيو ته هندستان جو خواب آهي ته پاڪستان کي عسڪري ۽ سفارتي طور اڪيلو ڪري علائقي ۾ طاقت جو توازن تبديل ڪيو وڃي، پر اهو خواب سندس سگهه کان گهڻو وڏو آهي ۽ پاڪستان ڪڏهن به اهو خواب پورو ٿيڻ نه ڏيندو۔هن معرڪي دوران شهيد ٿيندڙ عورتن ۽ ٻارن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي شهيدن جي قربانين کي امانت سمجهي ٿو،جڏهن ته قومي خودمختياري، سرحدي سالميت ۽ قومي وقار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو۔سندس چوڻ هو ته سڄي قوم دفاعِ وطن ۾ سيه پلائي ڀت وانگر گڏ بيٺي، جڏهن دشمن جا ميزائل ڪِريا ته عوام وڏي انگ ۾ ملڪ جي دفاع لاءِ نڪري آيو۔ پاڪستان ايئر فورس بابت ڳالهائيندي هن چيو ته شاهينن جديد جنگي جهازن کي تباهه ڪيو ۽ دشمن جي ڪيترن ئي تنصيبات کي نشانو بڻايو۔ هن دعويٰ ڪئي ته دشمن کي وڏي جاني ۽ مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن جي قيمت کيس ايندڙ وقتن تائين ادا ڪرڻي پوندي۔فيلڊ مارشل موجب “فتح” ميزائلن ۽ شاهينن دشمن جي 26 کان وڌيڪ عسڪري هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، جڏهن ته پاڪستان جو دفاع هاڻي هر قسم جي بيروني جارحيت خلاف ناقابلِ تسخير بڻجي چڪو آهي۔هن چيو ته جديد ۽ مستقبل جون جنگيون “ملٽي ڊومين آپريشنز” تي ٻڌل هونديون، جن ۾ ڊرون، سائبر ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ هٿيار اهم ڪردار ادا ڪندا۔بابت ڳالهائيندي فيلڊ مارشل چيو ته افغانستان کان پاڪستان جو فقط هڪ مطالبو آهي ته پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ مرڪزن جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي۔ هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي ۽ هر بيگناهه پاڪستاني جي خون جو حساب ورتو ويندو۔ هن چيو ته پاڪستان جي ڪا به ڪهاڻي ڪشمير کانسواءِ اڌوري آهي ۽ پاڪستان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو۔تقريب کان اڳ هٿياربند فوجن جي سربراهن يادگار شهدا تي حاضري ڏني، گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ فاتحه خواني ڪئي۔ بعد ۾ چاق و چوبند دستي طرفان بري، بحري ۽ فضائي فوجن جي سربراهن کي سلامي پڻ پيش ڪئي وئي،آءِ ايس پي آر موجب قوم جي مڪمل حمايت سان پاڪستان جون هٿياربند فوجون هر اندروني ۽ بيروني چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن، جڏهن ته “معرڪه حق” ۾ ڪاميابي فوج جي تياري، مهارت ۽ پيشاورانه صلاحيتن جو ثبوت آهي۔