وفاقي وزير پاران عوام تي بار وڌائڻ جو اعتراف

لاهور(امداد سومرو) تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ پيپلز پارٽي جي هڪ اهم اڳواڻ جي ملاقات جي وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن کان پوءِ سياسي حلقن ۾ اها ڳالهه هلي رهي آهي ته شايد “ان هائوس تبديلي” لاءِ رستو هموار ڪيو پيو وڃي. چيو پيو وڃي ته پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف ويجهو اچي رهيا آهن، جنهن سان وزيراعظم شهباز شريف لاءِ خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو.سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اهڙي ڪا تبديلي اچي ٿي ته نئون وزيراعظم ڪير ٿيندو؟ ۽ پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف سان هٿ ڇو ملائيندي؟ٻيو اهم نقطو اهو آهي ته موجوده حڪومت ۾ ڪجهه وڏا ماهر ۽ تجزئي نگار موجود آهن، جهڙوڪ احسن اقبال جنهن عوام تي پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن بابت دليل ڏنا آهن،هن تسليم ڪيو آهي ته حڪومت مجبور آهي، پر حقيقت ۾ قيمتون عالمي مارڪيٽ کان به وڌيڪ وڌايون پيون وڃن، جنهن جو بار غريب عوام تي پئجي رهيو آهي.پوءِ هڪ تصوير سامهون آئي، جنهن ۾ خيبر پختونخوا جي گورنر هائوس ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ تحريڪ انصاف جي قيادت، جنيد اڪبر ۽ اسد قيصر سان ملاقات ڪندي نظر آيو.پيپلز پارٽي خيبر پختونخوا جي سوشل ميڊيا تي اها وڊيو جاري ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ مختلف قسم جون افواهه شروع ٿي ويا.ڪجهه صحافين سوال اٿاريو ته ڇا هي ملاقات “ان هائوس تبديلي” بابت هئي؟پر جڏهن گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان رابطو ڪيو ويو ته هن  واضح ڪيو ته اها صرف صوبائي مسئلن بابت ملاقات هئي، جنهن ۾ ڪڻڪ جو بحران، اين ايف سي ايوارڊ، فاٽا ۽ پاٽا جا مسئلا، ٽيڪس پاليسيون ۽ واپاري برادري جا مسئلا شامل هئا،هن چيو ته اها ڪا سياسي سازش يا حڪومت ڪيرائڻ  واري ڳالهه نه هئي، صرف صوبائي مسئلن تي گفتگو ٿيهن .وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو افواهه پکيڙي رهيا آهن، اهي پنهنجون قياس آرائيون ڪري رهيا آهن، حقيقت ۾ اهڙو ڪو وڏو سياسي معاملو ناهي.گورنر چيو ته پي ٽي آءِ جي اندر ڪو به اهڙو هڪ مرڪزي شخص ناهي جنهن وٽ فيصلي جو مڪمل اختيار هجي، تنهن ڪري ڪنهن به “ڊيل” جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.ٻئي پاسي ڪنهن به ان هائوس تبديلي جو امڪان في الحال نظر نٿو اچي. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ نه چاهيندي ته پيپلز پارٽي سان گڏ حڪومت ٺاهين، ۽ نه ئي پيپلز پارٽي اهڙي صورتحال ۾ مڪمل طور شامل ٿيڻ چاهيندي.سياسي طور تي پارٽيون ضرور ملاقاتون ڪنديون رهنديون آهن، پر ان جو مطلب اتحاد ناهي هوندو.ٻئي پاسي احسن اقبال جو هڪ بيان به سامهون آيو، جنهن ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪس گهٽ آهي، ماڻهو ٽيڪس نه ڏين ٿا، ان ڪري حڪومت کي پيٽرول ۽ بجلي تي ليوي لڳائڻي پوي ٿي.پر حقيقت اها آهي ته عام ماڻهو اڳ ئي مختلف ٽيڪسن جو بار برداشت ڪري رهيو آهي، ۽ حڪومت جي ناڪامي جو بار به عوام تي وڌو پيو وڃي.جيستائين فيڊرل بورڊ آف روينيوجو نظام درست نه ٿيندو ۽ ٽيڪس چوري ختم نه ٿيندي، تيستائين عوام تي اهڙو بارجاري رهندو.جيڪڏهن عوام جي قوتِ خريد ختم ٿي وئي ته پوءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.