اسلا م آباد(بيورو)معرڪه حق” کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي وفاقي گادي واري هنڌ ۾تي هڪ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ آپريشن “بنيان مرصوص” دوران ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ تي پاڪستاني هٿياربند فوجن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي۔تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري،وزيراعظم شهبازشريف،فيلڊ مارشل عاصم منير،سردار اياز صادق،يوسف رضا گيلاني ۽ وفاقي وزيرن سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ پرڏيهي سفارتڪارن پڻ شرڪت ڪئي۔تقريب جي شروعات قومي تراني سان ٿي، جنهن جي احترام ۾ شرڪت ڪندڙ اٿي بيٺا، جڏهن ته ٽنهي هٿياربند فوجن جي چاق و چوبند دستن مارچ پاسٽ ڪري سلامي پيش ڪئي۔معرڪه حق” جي پهرين سالگرهه تي ملڪ اندر توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پڻ تقريبون منعقد ڪري ان عزم جو اظهار ڪيو ته وطن جي سالميت لاءِ ڪنهن به قرباني کان پوئتي نه هٽبو۔تقريب دوران وزيراعظم شهباز شريف جي درخواست تي وطن جي دفاع ۾ جان قربان ڪندڙ شهيدن جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي۔خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارت پهلگام واقعي کي بنياد بڻائي پاڪستان تي بي بنياد الزام لڳايا، جڏهن ته پاڪستان عالمي سطح تي شفاف جاچ جي پيشڪش ڪئي هئي۔هن چيو ته دشمن رات جي اونداهي ۾ مسجدن ۽ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو، پر پاڪستاني فوجن ان حملي جو تاريخي جواب ڏنو۔ سندس چوڻ هو ته جڏهن پاڪستاني شاهين دشمن تي حملو آور ٿيا ته دشمن کي سخت نقصان برداشت ڪرڻو پيو۔وزيراعظم موجب هن جنگ جو خلاصو اهو هو ته هڪ پاسي پاڪستاني شهيدن جون قربانيون هيون ۽ ٻئي پاسي دشمن جا تباهه ٿيل جهاز، جڏهن ته رڳو چار ڪلاڪن اندر دشمن جنگبندي جي درخواست ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو۔هن اعلان ڪيو ته “معرڪه حق” هر سال قومي جذبي سان ملهايو ويندو۔ وزيراعظم فيلڊ مارشل عاصم منير کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هن بهادري ۽ جرئت جي نئين تاريخ رقم ڪئي آهي۔هن ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪستاني فضائيه جي شاهينن کي پڻ ساراهيو، جن دشمن جا ارادا ناڪام بڻايا۔ ساڳي طرح هن پاڪستان نيوي جي سربراهه ۽ بحري فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي به ڀيٽا پيش ڪئي۔وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي دوست ۽ ڀائر ملڪن سفارتي محاذ تي ڀرپور ساٿ ڏنو، جنهن تي پاڪستان سندن ٿورائتو آهي۔هن آمريڪي صدر ٽرمپ جو پڻ شڪريو ادا ڪيو، جنهن علائقي ۾ امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن جنگ وڌيڪ وڌي وڃي ها ته نتيجا انتهائي خطرناڪ ٿي سگهن ها، پر ٽرمپ جنگبندي ڪرائڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو۔وزيراعظم محمد بن سلمان،رجب طيب اردگان، ۽ ٻين ملڪن جو پڻ شڪريو ادا ڪيو۔هن چين جي قيادت ۽ عوام جو خصوصي شڪريو ادا ڪندي چيو ته چين پاڪستان جي حمايت ڪري دوستي جو حق ادا ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته پاڪ-چين دوستي هماليه کان اوچي ۽ ماکي کان وڌيڪ مٺي آهي۔وزيراعظم اهو پڻ چيو ته پاڪستان، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران ٻنهي ڌرين کي جنگبندي تي راضي ڪرڻ ۽ کين ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔هن وڌيڪ چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير کيس آگاهه ڪيو آهي ته ايران طرفان آمريڪي تجويزن تي جواب وصول ٿي ويو آهي، جڏهن ته هن ان بابت وڌيڪ تفصيل ڏيڻ کان پاسو ڪيو۔
اسلام آباد(بيورو)صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 10 مئي پاڪستان جي تاريخ جو روشن باب آهي، جڏهن فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستاني هٿياربند فوجن پنهنجي مهارت ثابت ڪئي۔پاڪستان مونومينٽ تي “معرڪه حق” جي مناسبت سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڀارت بنا ڪنهن اشتعال جي پاڪستان تي حملو ڪيو ۽ شهري آبادي سان گڏ عبادتگاهن کي به نشانو بڻايو۔هن چيو ته پاڪستان آرمي ۽ پاڪستان ايئر فورس ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ۽ قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪيو۔ صدر مملڪت موجب پاڪستاني فضائيه دشمن جا 8 جهاز ڪيرائي ڇڏيا۔هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان، ڪشمير جي معاملي تي ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو۔آصف علي زرداري چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل لازمي آهي۔ سندس چوڻ هو ته پاڪستان هميشه امن جو حامي رهيو آهي ۽ عالمي امن لاءِ اهم قدم کڻندو رهيو آهي۔صدر پاڪستان ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوجن کي ڀيٽا پيش ڪئي۔واضح رهي ته “معرڪه حق” کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان مونومينٽ ۾ هڪ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وزيراعظم شهبازشريف، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ ٻين اهم شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي۔