ڊگهي عرصي کان جاري اڏاوتي ڪمن سبب ڪراچي واسي مشڪلات ۾ آهن:وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آچر ڏھاڙي ڪراچي شھر جي ٻن وڏن جاري ترقياتي رٿائن؛ بي آر ٽي ريڊ لائين جي نمائش کان موسميات تائين مڪسڊ ٽريفڪ ڪوريڊور ۽ شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اڏاوتي سرگرمين ۾ تيزي آندي وڃي ۽ رٿائن کي مڪمل ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻيل مسئلا ترت حل ڪيا وڃن. صوبائي وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري  ٽرانسپورٽ اسد ضامن، واٽر بورڊ جي ايم ڊي احمد صديقي، ڪي اليڪٽرڪ، سوئي سدرن گيس ڪمپني (ايس ايس جي سي)، ايف ڊبليو او ۽ ٽرانس ڪراچي جي اعليٰ عملدارن سان گڏ وڏي وزير رٿائن جي مختلف حصن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ زور ڀريو ته شهرين کي جلد کان جلد رليف فراهم ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته ڊگهي عرصي کان جاري اڏاوتي ڪمن سبب ڪراچي جا شهرين ڏکيائين کي منهن ڏئي رھيا آھن، تنهنڪري سڀئي لاڳاپيل ادارا ايندڙ ٽن مهينن دوران ٽريفڪ مينيجمينٽ، نيڪاليءَ واري نظام ۽ روڊن جي بحالي ۾ واضح بهتري يقيني بڻائين. هن چيو ته هي هڪ هفتي دوران بي آر ٽي ريڊ لائين رٿا جو سندس چوٿون دورو آهي، ڇاڪاڻ تھ آئون چاهيان ٿو ته هر قسم جي رنڊڪ ختم ڪئي وڃي ۽ سمورا هدف وقت تي حاصل ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته هو هر هفتي ذاتي طور رٿا جي نگراني ڪندو. د مراد علي شاهه ممتاز منزل ڀرسان تعمير ٿيندڙ فلاءِ اوور تي فوري ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ نيپا ڀرسان روڊ ويڪرا ڪرڻ ۽ رنڊڪون هٽائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽجي سگهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گذريل هفتي سندس هدايتن تي موسميات فلاءِ اوور ۽ ڪراچي يونيورسٽي يوٽرن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ٻنهي رٿائن کي هڪ مهيني اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) جي عملدارن سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ريڊ لائين ڪوريڊور تي هنگامي بنيادن تي ڪم ھلندڙ آهي ۽ بروقت تڪميل لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي تي شاهه فيصل انٽرچينج کان ڪاٺوڙ انٽرچينج تائين ڪيو ۽ مختلف انٽرچينجز ۽ فلاءِ اوورن تي ھلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.