بنون ۾ پوليس چوڪي تي خودڪش حملو، شهيد اهلڪارن جو انگ 15 ٿي ويو

ڊي آءِ خان (م ڊ) بنون جي علائقي فتح خيل پوليس اسٽيشن تي دهشت گردن بارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين شهيد اهلڪارن جو انگ 15 ٿي ويو، پوليس موجب  ٽن اهلڪارن کي ملبي مان جيئرو ڪڍيو ويو، شهيد اهلڪارن ۾ رحمت اياز، ثناءُ الله، نياز علي، صهيب، سعدالله، ڪامران ولد محمود خان، نعمت الله، ڪامران، عابد جاني، عمران، نعيم الله، صديق الله، مير عالم خان، راحت الله خان ۽ فاروق داد شامل آهن، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل سجاد خان ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال جو دورو ڪندي زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي، اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بنون ريجن جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل چيو ته بنون پوليس جا حوصلا بلند آهن، دهشت گرد پنهنجن ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، هن جو چوڻ هو ته اها دهشتگردن جي آخري بزدلاڻي ڪارروائي ثابت ٿيندي، بنون پوليس دهشت گردن کي چونڊي چونڊي انجام تائين پهچائيندي ۽ علائقي مان سندن مڪمل خاتمو يقيني بڻايو ويندو، پوليس موجب ڳولا ۽ بچاءُ وارو آپريشن اڃا تائين جاري آهي، وڏي وزير سهيل آفريدي ضلعي بنون ۾ فتح خيل پوليس اسٽيشن تي دهشت گرد حملي جي سخت مذمت ڪندي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، سهيل آفريدي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي شهيدن جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، هن چيو ته دهشت گردي خلاف جنگ صرف خيبر پختونخوا جي نه پر سڄي ملڪ جي جنگ آهي، بند ڪمرن ۾ ڪيل فيصلن ۽ مڙهيل پاليسين ملڪ کي بدامني جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏيو، دهشتگردي کان متاثر هر خاندان سان خيبرپختونخوا حڪومت گڏ بيٺل آهي، وزيراعليٰ سهيل آفريدي چيو ته خيبرپختونخوا پوليس دهشتگردي خلاف صف اول ۾ رهي عظيم قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وڃڻ ڏينداسين، دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو ڪري دم کڻنداسين، ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي سان ٽيليفون تي رابطو ڪري گذريل ڏينهن بنون ۾ پوليس چوڪي تي دهشت گردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي، وزيراعظم دهشت گردي جي واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي بلند درجن لاءِ دعا ۽ سندن وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو، هن واقعي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، جڏهن ته دهشت گردي جي مڪمل خاتمي لاءِ وفاق پاران صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشت گردي خلاف صوبائي حڪومت کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.