راولپنڊي(عوامي آواز نيوز) ڀارت جي “آپريشن سندور” جي جواب ۾ پاڪستان جي ڀرپور ڪارروائي “معرڪه حق” جي تاريخي فتح کي هڪ سال مڪمل ٿي چڪو آهي۔ هن عظيم فتح جي سالگرهه جي موقعي تي اڄ آچر ڏينهن جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ هڪ پُروقار تقريب منعقد ڪئي ويندي، جنهن جو خاص مهمان چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هوندو،جڏهن ته سندن ساڻ ظهير بابر سڌو ۽ نويد اشرف پڻ شرڪت ڪندا۔ ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه يادگارِ شهدا تي حاضري ڀريندا ۽ گلن جون چادرون چاڙهيندا۔ان موقعي تي پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن جا چاقوچوبند دستا خاص مهمانن کي سلامي پيش ڪندا۔ تقريب دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير شرڪت ڪندڙن کي خطاب پڻ ڪندو، جنهن ۾ هو معرڪه حق جي اهميت ۽ پاڪ فوج جي پيشاوراڻين صلاحيتن تي روشني وجهندو،يومِ معرڪه حق” جو اهتمام ان قومي جذبي ۽ عزم جي تجديد آهي ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون وطنِ عزيز جي جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهن۔هي ڏينهن ان ڳالهه جو پيغام آهي ته پاڪستان دشمن پاران ڪنهن به قسم جي مهم جوئي يا جارحيت جو انتهائي سخت ۽ ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔