ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان جي فوج طرفان ڀارت کي شڪست ڏيڻ جي هڪ سال گذرڻ بعد معرڪه حق جي سالگرهه جي موقعي ي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گورنر هائوس ۾ منعقد هڪ پروقار تقريب کي خطاب ڪندي هن تاريخي معرڪي کي ”جديد فوجي تاريخ جو معجزو“ قرار ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان جي حڪمت عملي ۽ ان تي عملدرآمد سڄي دنيا جي وڏن فوجي ادارن ۾ مطالعي جو موضوع بڻجي چڪا آهن. مراد شاهه پاڪستان جي هٿياربند فوج، قومي ٻڌي ۽ ملڪ جي اسٽريٽجڪ تيارين کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب ۾ صوبائي وزيرن، اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته معرڪه حق ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جديد جنگيون رڳو هٿيارن سان نه پر قومي اتحاد، اعليٰ حڪمت عملي ۽ مقصد جي چٽائي سان کٽيون وينديون آهن، جنگين جو فيصلو رڳو بارود جي طاقت سان نه پر قومي يڪجهتي ۽ بهترين منصوبابندي سان ٿيندو آهي. مراد علي شاهه ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جڏهن به پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختاري کي خطرو پيدا ٿيندو آهي، قوم، ان جي سياسي قيادت ۽ هٿياربند فوج اهڙو جواب ڏيندا آهن جو دشمن نسلن تائين ياد رکندو آهي. هن چيو ته جڏهن اسان جي ڌرتي جي سلامتي تي حملو ٿيندو آهي ته اسان اهڙو جواب ڏيندا آهيون جو دشمن جا نسلون ان کي ياد رکندا آهن. پاڪ فضائيه جي تعريف ڪندي مراد علي شاهه چيو ته دشمن جي جهازن کي حيرت انگيز مهارت سان ڪيرايو ويو. هن چيو ته پاڪستان ايئر فورس ڀارتي رافيل جهازن کي ڪٽيل پتنگن وانگر ڪيرايو ۽ وڌيڪ چيو ته پاڪستان اٺ ٻيرو (0-8) جي اسڪور سان اثرائتي نموني حساب برابر ڪري ڇڏيو.