قوم جي حمايت سان چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون:پاڪ فوج

راولپنڊي(عوامي آواز نيوز) آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ”معرڪه حق“ جي ڪاميابي جي پهرين سال تي قوم ۽ پاڪ فوج کي مبارڪباد ڏني آهي۔آءِ ايس پي آر موجب پاڪ بحريه ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهن به قوم ۽ فوج کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.ترجمان  پاڪ فوج چيو آهي ته قومي يڪجهتي سان ملهايل هي ڏينهن پيشه ورانه مهارت، همت ۽ اتحاد جو ثبوت آهي.آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته مسلح فوجون هميشه پاڪستاني عوام جي شانه بشانه بيٺل آهن ۽ قوم سان پنهنجو لازوال رشتو خدمت جي جذبي سان فخر سان نڀائي رهيون آهن. معرڪه حق پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل بڻجي چڪو آهي، جيڪو قومي عزم، فوجي مهارت ۽ حڪمت عملي جي پختگي جي عڪاسي ڪري ٿو.ترجمان موجب هن ڪاميابي قومي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي ۽ پاڪستان کي هڪ ذميوار ۽ مستحڪم علائقائي طاقت طور اجاگر ڪيو آهي. ان سان اهو به واضح ٿيو ته پاڪستان وٽ مؤثر دفاعي صلاحيت موجود آهي.آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته معرڪه  حق دوران پاڪستان جي مؤثر جواب دشمن جي سازشن کي بي نقاب ڪيو ۽ ان جي ڪوڙي “فالس فليگ” بيانيي ۽ پروپيگنڊا کي دنيا آڏو ظاهر ڪيو، جنهن سبب دشمن کي عالمي سطح تي شرمندگي برداشت ڪرڻي پئي.ترجمان مطابق پراڪسي دهشتگردي سميت روايتي ۽ هائبرڊ چئلينجن باوجود پاڪ فوج زميني، هوائي، بحري، سائبر ۽ معلوماتي شعبن ۾ اعليٰ آپريشنل صلاحيت جو مظاهرو ڪيو.آءِ ايس پي آر چيو ته معرڪه حق کانپوءِ پاڪستان پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي ۽ مڪمل اسپيڪٽرم ڊيٽرنس (هر رخ کان دفاعي صلاحيت) کي وڌيڪ هٿي ڏني وئي آهي،ترجمان چيو ته قوم جي غير متزلزل حمايت سان هٿياربند فوجون پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ علائقائي سالميت کي يقيني بڻائيندي سڀني اندروني ۽ بيروني چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ۽ مڪمل طور مستعد آهن،بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته قومي يڪجهتي، احترام ۽ شڪرگذاري سان ملهايل هي اهم ڏينهن پيشه ورانه مهارت، همت ۽ اتحاد جي مستقل جذبي جو ثبوت آهي.بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هٿياربند فوجون هميشه پاڪستاني عوام جي شانه بشانه بيٺل آهن ۽ قوم سان پنهنجي لازوال رشتي کي خدمت جي جذبي ۽ فخر سان نڀائي رهيون آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.