کنڀيل ڀاءُ آزاد ڪرڻ بدران هراسان ڪيو پيو وڃي:فوزيه بلوچ

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) فوزيه بلوچ پنهنجي ماءُ سان گڏ گهر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو آهي ته رياستي ادارا سندس جبري گم ٿيل ڀاءُ داد شاهه بلوچ جي بازيابي بدران خاندان کي هراسان ڪري سياسي دٻاءُ وجهي رهيا آهن،هن چيو ته سندس ڀاءُ داد شاهه بلوچ کي 21 اپريل 2026 تي ڪراچي ۾ گهر تي ڇاپي دوران سي ٽي ڊي ۽ انٽيليجنس ادارن جي اهلڪارن زبردستي کڻي ويا۔ هن الزام هنيو ته جڏهن خاندان واقعي جي وڊيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن کي به کڻي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون۔ وارنٽ  بابت پڇڻ تي به ڪو به قانوني تفصيل نه ڏنو ويو ۽ رڳو ٿاڻي سان رابطو ڪرڻ جو چيو ويو۔بعد ۾ خاندان پوليس اسٽيشن ويو، جتي کين 24 ڪلاڪن بعد اچڻ جو چيو ويو، ۽ پوءِ ماڙي پور ٿاڻي ۾ درخواست ڏيڻ باوجود ڪا رسيد نه ڏني وئي۔ هن وڌيڪ چيو ته داد شاهه بلوچ اڳ به جبري گمشدگي جو شڪار رهي چڪو آهي ۽ ان دوران سخت تشدد برداشت ڪيو هو۔سندس الزام آهي ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سان وابستگي ۽ سياسي سرگرمين سبب سندن خاندان کي مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي۔هن اهو به چيو ته جڏهن هو پريس ڪانفرنس لاءِ ڪراچي پريس ڪلب پهتيون ته پوليس ناڪابندي ڪري کين روڪيو، ۽ واپسي تي کين گرفتار ڪري تشدد بعد مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو۔فوزيه بلوچ چيو ته سندس ماءُ بلڊ پريشر جي مريضه آهي، پر حراست دوران کين دوائون به نه ڏنيون ويون۔هن چيو ته اسان کي  اهو پيغام به مليو ته جيڪڏهن بلوچ يڪجهتي ڪميٽي تان هٿ کڻن ته ڀاءُ جي آزادي ممڪن ٿي سگهي ٿي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.