بجلي سستي ٿيندي يا مهانگي؟ ڪجهه نٿو چئي سگهان:محمد اورنگزيب

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب بجلي جي اگهن بابت سوال تي واضح جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي۔ قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي  جي اجلاس دوران ناڻي واري وزير کان سوال ڪيو ويو ته ڇا بجلي تي سبسڊي ختم ڪئي پئي وڃي؟ان تي محمد اورنگزيب چيو ته توانائي واري وزير اويـس لغاري ۽ وزيراعظم لاڳيتو ان معاملي تي ڪم ڪري رهيا آهن، ايندڙ  ڏينهن ۾ بجلي سبسڊي بابت وڌيڪ ڳالهيون ٿينديون۔ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزير کان اهو به پڇيو ويو ته بجلي سستي ٿيندي يا مهانگي؟ جنهن تي هن واضح جواب ڏيڻ کان پاسو ڪندي چيو ته هو هن وقت ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهي۔هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، پاڪستان پنهنجا هدف پورا ڪري چڪو آهي، جڏهن ته قرض جي منظوري آءِ ايم ايف بورڊ جي فيصلي تي دارومدار رکي ٿي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.