ڊپٽي چيف آف ايئر اسٽاف پروجيڪٽس راولپنڊي(عوامي آواز نيوز)پاڪستان ايئر فورس جي ڊپٽي چيف آف ايئر اسٽاف پروجيڪٽس طارق غازي چيو آهي ته “معرڪه حق” دوران اسان ڀارت جا 8 جهاز ڪيرايا، ۽ هاڻي اسان 8 ــ 0 تي آهيون۔معرڪه حق” جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي آءِ ايس پي آر جي ڊي جي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ايئر وائس مارشل طارق غازي چيو ته ڀارت جي ڪيرايل جهازن ۾ رافيل 4، هڪ سکوئي ايس يو 30 هڪ مڪويان مگ 29۽ هڪ ڊيسلاٽ مئراج 2000شامل هئا۔هن چيو ته ان کانسواءِ هڪ انتهائي مهانگو گهڻ المقصدي خودڪار فضائي نظام پڻ تباهه ڪيو ويو۔طارق غازي موجب “آپريشن بنيان المرصوص” دوران پاڪستاني فضائيه ڀارت جا 8 جهاز ڪيرايا ۽ هاڻي پاڪستان 8 ــ 0 جي برتري تي بيٺل آهي۔ٻئي طرف پاڪستان نيوي جي ڊپٽي چيف آف نيوَل اسٽاف آپريشنز، ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ڊپٽي چيف آف ايئر اسٽاف پروجيڪٽس سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ”معرڪه حق“ دوران ڀارتي نيوي ڪيترائي ڀيرا پنهنجو بحري ٻيڙو مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڪستان جون بندرگاهون مڪمل طور فعال ۽ سامونڊي تنصيبات محفوظ رهيون۔هن وڌيڪ چيو ته “معرڪو حق” دوران هٿياربند فوجن جي پاڻ ۾ هم آهنگي ئي فتح جي ضمانت بڻي، جڏهن ته پاڪستان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي۔