اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اينڪر غريده فاروقي سوشل ميڊيا پليٽ فارم (ايڪس) تي سوال اٿاريا آهن ته حڪومت جيڪو اعلان ڪيو آهي ته بلڊنگ جا متاثر ماڻهو قيمت جي صورت ۾ ادائيگي وٺندا، اهو پئسو آخر ڪٿان ايندو؟سي ڊي اي جي زمين جيڪڏهن ڪنهن کي غيرقانوني طريقي سان منتقل ڪئي وڃي ٿي، ته پوءِ اهو معاملو اڳئين کان به وڏو فراڊ بڻجي سگهي ٿو۔بيسم الله ٽيڪسٽائلز جي سي اي او عبدالحفيظ شيخ پاشا ۽ ڪنسورشيم جي ٻين ماڻهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿيندي؟انهن ۾ ڪير ڪير پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ ڪير ملڪ کان ٻاهر آهي؟اهي سڀ سوال جواب طلب آهن، ۽ چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب واضح نه ڪيا ويا ۽ سي ڊي اي جي زمين سان لاڳاپيل معاملو شفاف نه ٿيو ته اهو هڪ وڏو مالي اسڪينڊل ٿي سگهي ٿو۔ احمد منصور لکيو ته رياست اڪثر ڪري اشرافيه جي اڳيان ڪمزور پئجي ويندي آهي۔ جڏهن غيرقانوني سيڙپڪاري يا مبينا بي نامي ملڪيتن تي سوال اٿن ٿا ته طاقتور حلقا گڏ ٿي “رياستي رِٽ” جي خلاف آواز کڻن ٿا۔ هن دعويٰ ڪئي آهي ته ميڊيا جا وڏا اينڪر، حڪومت سان لاڳاپيل شخصيتون ۽ اپوزيشن جا امير حلقا گڏ ٿي اهڙن معاملن ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا۔ خاص طور تي ون ڪانسٽيٽيوشن اوينيو کي هڪ مثال طور پيش ڪيو ويو آهي، جتي مبينا طور تي سرڪاري زمين تي مهانگي بلڊنگ ٺهي اربين رپين جي ادائيگين بابت سوال موجود آهن ۽ ڪجهه ملڪيتن کي “طاقتور ماڻهن جي بي نامي ملڪيت” سان ڳنڍيو پيو وڃي (ليکڪ جي دعويٰ مطابق) حڪومت کي پوئتي نه هٽڻ گهرجي قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي ،ميان دائود ايڊووڪيٽ ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو جي فليٽن ۽ انهن جي ادائيگين بابت سوال چيو آهي ته ڇا خواجه سعد رفيق جا ان عمارت ۾ فليٽ آهن يا نه؟ جيڪڏهن آهن ته انهن جي ادائيگي ڪيئن ڪئي وئي؟ ڇا اهي فليٽ ٽيڪس ريٽرنز ۾ ظاهر (ڊيڪليئر) ڪيا ويا آهن يا نه؟ صحافي زرار کهڙو چيو آهي ته محسن نقوي جڏهن سينيٽ جي اليڪشن وڙهي ته هن دبئي جو اپارٽمينٽ ڊڪليئر نه ڪيو هو،جيڪو ڊڪليئر ڪرڻ ضروري هو پر هاڻي ڪير هن کي ڦاسڻ چاهي ته ان تي ڦاسائي سگهي ٿو،صحافي بلال غوري لکيو ته عبدالحفيظ شيخ پاشا هن مبينا اسڪينڊل جو مرڪزي ڪردار آهي،هو فيصل آباد سان تعلق رکي ٿو بسم الله ٽيڪسٽائل ملز جو مالڪ آهي ۽ ستارا ٽيڪسٽائل وارن جو ناٺي آهي،صحافي زاهد گشڪوري لکيو ته محسن نقوي کي ريڊزون ۾ 108 ڪنال قيمتي ڪمرشل سرڪاري زمين خالي ڪرائڻ گهرجي،اهو تقريبن 50 ارب رپين جو هڪ وڏو اسڪينڊل آهي،بااثر ۽ طاقتور طبقا هميشه سي ڊي اي،ايف آءِ اي ۽ نيب جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندا آهن،بي اين پي پرائيوٽ لميٽڊ کي به پابند ڪيو وڃي ته اها متاثر سيڙپڪارن ۽ لگزري فليٽن جي ملاڪن کي معاوضو ادا ڪري،اهي سمورا آفيسر،بااثر شخصيتون ۽ جج جن ان تڪراري معاهدي ۾ سهولتڪاري ڪئي انهن کي به احتساب جي دائري ۾ آندو وڃي،حفظه گيلاني ايڊووڪيٽ لکيو آهي ته هي عمارت رڳو هڪ بلڊنگ ناهي، پر ملڪ جي اشرافيه، مبينا ڪرپٽ سياستدانن، ججن، بيوروڪريٽن ۽ صحافين جي ڪردار جي عڪاسي آهي۔ ڪجهه ماڻهن هن غيرقانوني عمارت ۾ فليٽ يا ته تحفي ۾ يا تمام سستي قيمت تي حاصل ڪيا، ۽ پوءِ ان کي قانوني شڪل ڏني وئي۔،شاهد خاقان عباسي،جسٽس(ر)ناصر ملڪ،جسٽس(ر)ثاقب نثار،اعتزاز احسن،ابصار عالم،عليمه خان،خواجا سعد رفيق انهن معززن ۾ شامل آهن،هن لکيو ته ڪجهه ماڻهن اربين رپين جا فليٽ گهٽ قيمت تي حاصل ڪيا، جڏهن ته ڪجهه کي ڪيترائي فليٽ مفت ۾ مليا۔ ليکڪ عائشه صديقه لکيو ته ڇا محسن نقوي اسٽيبلشميٽ جي ڪجهه حلقن کي ناراض ڪيو آهي؟
عبدالحفيظ شيخ پاشا عمران خان جو ويجهو دوست آهي:سينئر صحافي
لاهور(عوامي آواز نيوز)صحافي مزمل سهروردي ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو جي مرڪزي جوابدار بابت دعويٰ سامهون آئي آهي ته سندس نالو عبدالحفيظ شيخ پاشا آهي، جيڪو مبينا طور پي ٽي آءِ جو ڊونر ۽ عمران خان جو ويجهو دوست آهي۔صحافي موجب عبدالحفيظ شيخ پاشا جو عمران خان سان ذاتي ۽ خانداني تعلق به آهي، ۽ هو حڪومت جو ڊيفالٽر پڻ رهيو آهي۔مزمل سهروردي وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته ريحام خان پنهنجي ڪتاب يا بيان ۾ لکيو هو ته عبدالحفيظ شيخ پاشا عمران خان کي 12 ڪروڙ رپين وارو پينٽ هائوس صرف هڪ ڪروڙ رپين ۾ ڏنو هو۔ريحام خان موجب جڏهن هن پاڻ به اهڙي آفر بابت سوال ڪيو ته کيس چيو ويو ته اها آفر صرف عمران خان لاءِ آهي،هن چيو ته ابصار عالم جو پنهنجو فليٽ به ان عمارت ۾ موجود آهي، مان اهو نٿو چوان ته هن جو فليٽ ٻه نمبري جو آهي،هن پنهنجي جائز ڪمائي ۾ فليٽ خريد ڪيو آهي، هن چيو ته محسن نقوي مبينا طور تي اها بلڊنگ ڪنهن کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي؟ ان حوالي سان گڏ گوهر اعجاز جو نالو سامهون اچي رهيو آهي.هن چيو ته ماڻهن کي رات 12 وڳي فليٽ خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته مبينا مرڪزي جوابدار عبدالحفيظ شيخ پاشا کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي۔غريب ماڻهن تي ته سختي ڪئي وڃي ٿي، پر وڏن ڪيسن ۾ گرفتاري ڇو نٿي ٿئي؟ ايف آءِ اي يا پوليس صرف عام ماڻهن تائين محدود ڇو آهي؟ ان حمام ۾ عمران خان،ثاقب نثار سميت سڀ اگهاڙا آهن،
ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو ۾ ملڪ مخالف سرگرمين سبب ادارن چڙهائي ڪئي
اسلام آباد(حماد حسن) اسلام آباد جي ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي جيڪي ٻه ٽاور هئا، “ٽوئن ٽاورز” يا “ون ڪانسٽيٽيوشن ٽاور”، انهن تي پوليس رات جي وقت ڇاپو هنيو ۽ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو۔ ان جي پٺيان اصل ڪهاڻي جي خبر پئجي وئي؟ڪجهه ڏينهن اڳ رات جي وقت پوليس ۽ رينجرز انهن ٽاورز ۾ داخل ٿيا، آپريشن ڪيو ۽ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو۔ هاڻي اهي ٻئي ٽاور رينجرز ۽ پوليس جي قبضي ۾ آهن،ذريعن موجب انهن ٽاورز ۾ ٽي کان پنج فليٽ اهڙا هئا، جيڪي ڪجهه مشڪوڪ ماڻهن ڪرائي تي ورتا هئا، ۽ اتي پاڪستان دشمن يا پاڪستان مخالف قوتن جون ڪجهه سرگرميون هلي رهيون هيون۔اتي ڪجهه انٽيليجنس سامان به لڳايو ويو هو، ۽ مانيٽرنگ ڪئي پئي وئي۔ ظاهر آهي، اها جڳهه انتهائي حساس آهي، ۽ عمارت تمام اوچي به آهي۔ان عمارت جي سامهون ئي پاڪستان جي پرڏيهي وزارت، وزيراعظم سيڪريٽريٽ،سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، قومي اسيمبلي، سينيٽ، وزيراعظم هائوس ۽ ايوان صدر موجود آهن۔ ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ۽ ايف بي آر جي هيڊ آفيس آهي۔ بلڪل ويجهوسرينا هوٽل به آهي، جتي ڪيترائي اهم اجلاس ٿيندا آهن۔ذريعن موجب ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، اهي به سرينا هوٽل ۾ ٿي رهيون هيون، ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته انهن ڳالهين کي به مانيٽر ڪيو پئي ويو۔چيو وڃي ٿو ته انهن وٽ جديد انٽيليجنس اوزار هئا، ۽ اهي ڳالهين بابت معلومات حاصل ڪري رهيا هئا۔ شايد انهيءَ ڪري، جڏهن لڳي رهيو هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪنهن به وقت ٺاهه ٿي ويندو، تڏهن اوچتو جي ڊي وينس جي بيان کان پوءِ ڳالهين ۾ رڪاوٽ اچي وئي۔بهرحال، ٻڌايو وڃي ٿو ته اتي ڪجهه مشڪوڪ سرگرميون هلندڙ هيون، ۽ پاڪستان جا ڪجهه ماڻهو به انهن معاملن ۾ شامل هئا۔ڪجهه عرصي کان شڪ پيدا ٿي چڪو هو ته هتي ڪجهه هلي رهيو آهي۔ انٽيليجنس ادارن جڏهن مڪمل تصديق ڪئي ته پوءِ ڇاپو هنيو ويو۔هاڻي نه ته اتي رهندڙ ماڻهن جو ڏوهه هو، نه ئي فليٽن جي مالڪن جو۔ انهن ته صرف ادائيگيون ڪيون هيون۔ پر ان کان سواءِ ٻيو ڪو رستو به نه هو۔هاڻي اهي ٽاور مڪمل طور سرچ ڪيا پيا وڃن ته ڪٿي ڪٿي بگنگ ڪئي وئي، ڪٿي ڪٿي سامان لڳايو ويو۔اهو معاملو ايترو سادو ناهي جو ڪنهن حڪم ڏنو ۽ بس آپريشن ٿي ويو۔ جيڪڏهن اهي ٽاور اڳ موجود هئا، سي ڊي اي اجازت ڏني هئي، ۽ سپريم ڪورٽ انهن کي ريگيولرائز به ڪيو هو، ته پوءِ اوچتو رات جو اهڙو آپريشن ڇو ٿيو؟ظاهر آهي، ڪجهه وڏو معاملو هو۔ڄاڻ موجب، شايد ڪجهه ڀارتي يا اسرائيلي ڳانڍاپا به هئا۔ اها انتهائي حساس جڳهه آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن وٽ جديد انٽيليجنس سامان هجي ته هو پوري اسلام آباد کي مانيٽر ڪري سگهي ٿو۔هاڻي رياست جي ذميواري آهي ته اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري۔ پر جن ماڻهن جو نقصان ٿيو، انهن سان همدردي به آهي، ڇاڪاڻته انهن جو ڪو ڏوهه نه هو۔
محسن نقوي سي اين اين لاءِ ٽرانسپورٽ انتظام ڪندو هو:ابصار عالم
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي ابصار عالم سوشل ميڊيا تي 2015ع واري ٽيڪس ۽ ظاهر ڪيل اپارٽمينٽ جا تفصيل ظاهر ڪيا آهن،هن لکيو ته منهنجي ڳالهائڻ کان پوءِ ڪجهه طاقتور، پر سخت پريشان ماڻهن منهنجي خلاف منظم پروپيگنڊا مهم شروع ڪرائي آهي۔ انهن کي ياد ڏياري ڇڏيان مان دل سان ڳالهائيندو آهيان، نه پنهنجي پيٽ يا ڪنهن جي کيسي مان۔سڄي زندگي الله ۽ پنهنجي والد جي ڏنل حلال رزق تي گذارو ڪيو، ۽ پوءِ پنهنجي محنت جي ڪمائي تي۔جنهن سال فليٽ جي پهرين ڊائون پيمينٽ يا قسط طور 30 لک رپيا ادا ڪيا، ان سال پنهنجي سالياني آمدني تي مون رڳو انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 77 لک 54 هزار رپيا ادا ڪيا هئا۔تنهن ڪري سوال پڇڻ جو حوصلو به رکان ٿو،هن چيو ته مان محسن نقوي کي 2001ع کان ڄاڻان ٿو،جنهن وقت مان، طلعت حسين ۽ ڪاشف عباسي سي اين اين لاءِ ڪم ڪندا هئاسين۽ محسن نقوي سي اين اين اسٽاف لاءِ گاڏيون ارينج ڪندو هو،اڄ هو هن ملڪ جو مالڪ بڻيل آهي،مبارڪ هجي هن کي ترقي تي پر انسان کي ايترو تڪبر نه ڪرڻ گهرجي
ڪانسٽيٽوشن ايوينيو ۾ منهنجو ڪو به فليٽ ناهي
لاهور(عوامي آواز نيوز)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق ٽوئيٽ ڪيو آهي ته اسلام آباد ۾ڪانسيٽيٽيوشن ون منصوبي بابت شراڪت يا عمارت ۾ ڪجهه اپارٽمنٽس جي ملڪيت مون سان منسوب ڪرڻ واري سوشل ميڊيا مهم گذريل رات کان هلائي پئي وڃي، جڏهن ته مان ان جي وضاحت 9 اپريل 2026 تي م مطيع الله جان جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ اڳ ئي ڏئي چڪو آهيان،هن لکيو ته اهي الزام لڳائڻ وارا پي ٽي آءِ جا ڪجهه ڪلٽ فالوورز آهي، جن جي نظر ۾ سندن کانسواءِ سڄي دنيا ڪرپٽ ۽ ڪوڙي آهي،هن چيو ته بطور مين اسٽريم سياستدان، ايران خلاف آمريڪي جارحيت تي وچولو رستو اختيار ڪرڻ بدران آمريڪي سامراج جي کليل مخالفت کي ناپسند ڪندڙ ماڻهو آهيان،هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ٿو ڪريان ته ڪانسيٽيٽيوشن ون ۾ منهنجو يا منهنجي خاندان جو ڪو به اپارٽمينٽ ناهي، نه ئي شروع کان اڄ تائين منهنجي يا منهنجي خاندان جي ڪا به سيڙپڪاري هن منصوبي ۾ هئي.هن ٽاور ۾ منهنجن ڪجهه واقفڪارن ۽ دوستن جا اپارٽمينٽ ضرور آهن، انهن جي سيڙپڪاري کين مبارڪ هجي.،هن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته سي ڊي اي کي پهچايل نقصان ۽ منافع سميت هر قانوني رستو اختيار ڪري.- انهن اپارٽمنٽس جي تصديق ٿيل ۽ مڪمل ادائيگي ڪندڙ مالڪن جي بنيادي حقن ۽ سيڙپڪاري جو قانوني تحفظ ڪيو وڃي،سي ڊي اي کي اهڙي عمارت جي پلاٽ جي قيمت جي عدم ادائيگي باوجود ان جي تعمير ۽ وڪرو نه روڪڻ وارن ريگيوليٽرز ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.اسان کي مڪمل اميد آهي ته حڪومت سڀني ڌرين سان انصاف ڪندي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندي.