اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي ۽ اينڪر جاويد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته مون کي ڪنهن ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري ايران آمريڪا تڪرار تي ڪجهه اڻوڻندڙ جملا چيا هئا اهي ڪٿي رڪارڊ ٿي ويا ۽ اهي گهڻو گردش ۾ آيا ته پوءِ سوچيو ويو ته جيڪڏهن انهن جو اهو موقف آهي ته پوءِ پ پ کي ڳالهين جي سڄي عمل کان آئوٽ ڪيو وڃي،هن چيو ته بلاول جو موقف وائرل ٿيڻ کانپوءِ اهو سمجهيو ويو ته پ پ کي ان تي خدشا آهن ان ڪري آصف علي زرداري ۽ پ پ کي نظرانداز ڪيو ويو،ان جو پلاند آصف زرداري ائين وٺي رهيو آهي جو پاڻ چين هليو ويو ۽ اتي معاهدا ڪري رهيو آهي،صدر معاهدا ته نٿو ڪري سگهي