ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ سخت گرمي جي لهر، گرمي پد 44 کان 47 سينٽي گريڊ تائين محسوس، ڪراچي ۾ گرمي جي شدت 44 ڊگري تائين محسوس ڪئي وئي، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موسم انتهائي گرم ٿي وئي جنهن سبب شهري سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن ڪراچي ۾ گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، جڏهن ته گرمي جي شدت 44 ڊگري جيتري محسوس ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته حيدرآباد ۾ محسوس ڪيل گرمي پد 47 ڊگري تائين ۽ سکر ۾ 45 ڊگري تائين پهچي ويو جنهن سبب روزمرهه جي زندگي متاثر ٿي رهي آهي، ڪراچي ۾ وڌندڙ گرمي کي نظر ۾ رکندي مختلف علائقن ۾ هيٽ ويو ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن شهرين کي رليف فراهم ڪري سگهجي، ماهرن شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ۽ پنهنجو خيال رکن، ڪراچي ۾ وڌندڙ گرمي کي نظر ۾ رکندي ماهرن شهرين کي احتياطي اپاءُ اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته گرمي وڌڻ سان مختلف قسم جي انفيڪشن جو خطرو پڻ وڌي ويندو آهي، تنهن ڪري شهرين کي گهر کان ٻاهر جي کاڌي ۽ مشروبات کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻي اُٻاري ڪري پيئڻ گهرجي، غير معياري کاڌن ۽ مشروبات سبب معدي جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري شهرين کي گهرجي ته ڏينهن جي وقت غير ضروري طور ٻاهر نه نڪرن، هلڪي رنگ جا ڍرا ڪپڙا پائين ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت مٿو ڍڪي رکن، ماهرن وڌيڪ چيو آهي ته صبح 11 وڳي کان وٺي منجهند 3 وڳي تائين سڌي سج جي تپش کان بچڻ ضروري آهي، جڏهن ته پاڻي ۽ او آر ايس جو استعمال جسم ۾ لوڻ جي کوٽ کان بچائي سگهي ٿو، موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي، جتي وڌ ۾ وڌ گرمي پد 40 کان مٿي ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو جڏهن ته محسوس ٿيندڙ گرمي 46 کان 49 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهي سگهي ٿي.