ٽياڪڙ طور پاڪستان جي تبديلي جو فيصلو ناهي ٿيو:ايراني سفير

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم چيو آهي ته ايران، پاڪستان جي ذريعي آمريڪا ڏانهن نئون ڳالهين جو منصوبو موڪلي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي جو دارومدار آمريڪي رويي تي آهي۔ايراني نيوز ايجنسي کي ڏنل انٽرويو ۾ پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي آمريڪا جي رويي ۾ تبديلي سان مشروط آهي۔ ايران پنهنجي موقف ۽ مطالبن بابت مڪمل طور واضح آهي،  جيڪڏهن آمريڪا سنجيده آهي ته کيس پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو۔ هن چيو ته ايران قومي مفادن ۽ دفاعي معاملن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو۔ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون مذاڪراتي منصوبو پاڪستان جي ذريعي آمريڪا تائين پهچايو ويو آهي۔ موجوده عمل ۾ پاڪستان مرڪزي ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ سندس ڪوششون قابلِ قدر آهن۔ پاڪستان اڃا تائين ثالثي واري ڪردار ۾ موجود آهي ۽ ان ۾ ڪا تبديلي آڻڻ جو فيصلو ناهي ٿيو۔ايراني سفير وڌيڪ چيو ته عالمي برادري ايران جو واضح ۽ منطقي موقف ڏسي رهي آهي، جڏهن ته آمريڪا جو رويو غيرمستحڪم آهي۔ ايران سفارتڪاري واري رستي تي قائم آهي، پر اڳڀرائي جو دارومدار آمريڪا تي آهي۔ آمريڪا کي جارحاڻو رويو ڇڏڻو پوندو ۽ ايران جي حقن جو احترام ڪرڻو پوندو۔رضا اميري مقدم موجب پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي۔ پاڪستان خطي ۾ واپاري رستن جي تنوع ۽ ايران سان سهڪار جو خواهشمند آهي۔ ميرجاوه، تفتان ۽ گبد ريمدان بارڊر ڪراسنگون پاڪ ايران واپار لاءِ اهم حيثيت رکن ٿيون۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.