ٽرمپ کي ناممڪن جنگ يا خراب ڊيل مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي:پاسداران انقلاب

تهران (ع آ نيوز) ايراني پاسداران انقلاب جي انٽيليجنس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٽرمپ کي ناممڪن جنگ يا خراب ڊيل مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي. بيان ۾ چيو ويو ته ايران آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت  جي مستقل خاتمي لاءِ گڏيل تجويز پيش ڪئي آهي، آمريڪا ان معاملي مان نڪرڻ لاءِ فيس سيونگ چاهي ٿو. پاسداران انقلاب چيو ته ايران ان تجويز ذريعي معاملو ٻيهر ٽرمپ سامهون رکي ڇڏيو آهي ۽ ايران پينٽاگون کي ناڪابندي بابت ڊيڊ لائن ڏني آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته چين، روس ۽ يورپ جو واشنگٽن خلاف لهجو تبديل ٿي رهيو آهي، آمريڪا جي فيصلا ڪرڻ جي گنجائش محدود ٿي وئي آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته آمريڪي صدر ايراني جهازن جي غير قانوني قبضي کي قزاقي قرار ڏنو آهي ۽ کليل طور تي چيو آهي ته اسان قزاقن وانگر سلوڪ ڪري رهيا آهيون. اسماعيل بقائي چيو ته هي زبان ترڪڻ نه هئي. اهو آمريڪا جي بين الاقوامي شپنگ خلاف ڪيل ڪارروائين جي مجرماڻي نوعيت جو هڪ کليل ۽ افسوسناڪ اعتراف هو. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڀريو ته اهي بين الاقوامي قانون جي اهڙين واضح خلاف ورزين کي معمول تي آڻڻ کي سختي سان رد ڪن.ان کان اڳ، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته آمريڪي بحريه ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي ۾ قزاقن جهڙو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.