ايران جي نئين تجويزن جو جائزو وٺندس، هڪ ٻئي حملي جو امڪان موجود آهي: ٽرمپ

واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته کيس ايران جون تازيون تجويزون پيش ڪيون ويون آهن، جن جو هو جلد جائزو وٺندو. هو اهو سوچي نٿو سگهي ته ايران جون تجويزون قابل قبول هونديون.هن چيو ته ايران جي اسان پاران ناڪابندي هڪ دوستاڻي بندش آهي. هن اهو به چيو ته ايران تي هڪ ٻئي حملي جو امڪان آهي. ٽرمپ چيو ته ايران هن وقت تائين جيڪو ڪيو آهي ان جي وڏي قيمت ادا نه ڪئي آهي.هن چيو ته ايران سان ڳالهين  ڪرڻ جي اسان جي صلاحيت لامحدود آهي. ڪانگريس ۾ ڊيموڪريٽس ۽ ڪجهه ريپبلڪن جنگ جي اجازت حاصل ڪرڻ جو مسئلو اٿاري اسان جي ڳالهين جي صلاحيت کي محدود ڪرڻ چاهين ٿا.جرمني مان آمريڪي فوجن جي واپسي جي حوالي سان، ٽرمپ چيو ته آمريڪا جرمني مان 5,000 کان وڌيڪ فوجون واپس ڪڍندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.