ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آچر ڏھاڙي صبح سوير ڪراچي شھر جي اهم ترقياتي رٿائن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪراچي بس ريپڊ ٽرانزٽ (ڪي بي آر ٽي) ريڊ لائن ڪوريڊور، شاهراهه ڀٽو ۽ پهلوان ڳوٺ روڊ تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي، جڏهن ته سڀني رٿائن ۾ معيار ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير سندس دوري دوران اعلان ڪيو ته شاهراهه ڀٽو کي عيد کان اڳ ٽرئفڪ لاءِ کوليو ويندو، جنهن کي هن ”ڪراچي جي عوام لاءِ عيد جو تحفو“ قرار ڏنو. هن اها به هدايت ڪئي ته ريڊ لائن ڪوريڊور سان گڏ سموريون مليل ٽريفڪ لائنون ٻن مهينن اندر مڪمل ڪيون وڃن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪالهه هڪ هفتي ۾ ٽيون ڀيرو ڪراچي ۾ ريڊ لائين منصوبي جو دورو ڪيو ۽ منصوبي تي جاري ڪم جو جائزو ورتو.دوري دوران وڏي وزير سان گڏ مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، رٿابندي ۽ ترقيءَ وارو وزير ڄام خان شورو ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ موجود هئا. دوري جي شروعات پيپلز چورنگي کان صفورا چورنگي تائين ريڊ لائن رٿا جي معائني سان ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ هو پهلوان ڳوٺ پهتا جتي مکيھ شاهراهه جي بحالي جي ڪمن جو جائزو ورتو ويو. انھيءَ کانپوءِ وڏي وزير عظيم پورا فلائي اوور کان ڪاٺوڙ تائين شاهراهه ڀٽو جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي ئي لاڳاپيل ٽيمن کي هدايتون جاري ڪيون. وڏي وزير چيو ته اسان جي ترجيح ٽرئفڪ جي رواني بحال ڪرڻ ۽ ڪراچي جي عوام کي محفوظ ۽ بھترين انفراسٽرڪچر فراهم ڪرڻ آهي. ريڊ لائن ۽ شاهراهه ڀٽو شهر لاءِ تمام اهم رٿائون آهن، انهن رٿائن ۾ نه ڪا غير ضروري دير قبول نھ ڪئي ويندي ۽ نه وري معيار ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت ڪئي ويندي. سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ماس ٽرانس ڪراچي جي سي اي او زبير چنا وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 29 اپريل جي دوري دوران ڏنل هدايتن تي عمل جاري آهي. مڪسڊ ٽرئفڪ لائنن جي مرمت، پيچ ورڪ ۽ بحاليءَ وارو ڪم جاري آھن، جڏهن ته نيو جرسي بيريئرز کي ايڊجسٽ ڪري روڊن جي ويڪر پڻ وڌائي پئي وڃي. نيپا واري هنڌ تي نيڪال وارن ڪمن جي بهتري ۽ پاڻي جي رساءُ (ليڪيج) جي خاتمي لاءِ ڪم تيزي سان جاري آهي. نيپا تي ھر ڀيري پاڻي گڏ ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي وڏي وزير مستقل حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ان جاءِ تي پاڻي جو سدائين گڏ ٿيڻ ڪنهن به حالت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ان مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي. عملدارن ٻڌايو ته مختلف هنڌن تي اسفالٽ وڇائڻ جو ڪم رات جي وقت ڪيو پيو وڃي ته جيئن شهرين کي گهٽ تڪليف ٿئي. نمائش کان موسميات تائين مختلف سيڪشنن ۾ مشينري، افرادي قوت ۽ مواد فراهم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته موسميات کان صفوران ڳوٺ تائين سروس روڊن جي مرمت مڪمل ٿي چڪي آهي. وڏي وزير چيو ته وسيلا موجود آهن، هاڻي مون کي زمين تي نتيجا نظر اچڻ گهرجن. ڪم ڪيترين ئي شفٽن ۾ جاري رکيو وڃي ته جيئن مقرر وقت اندر مڪمل ٿئي ۽ شهرين کي جلد رليف ملي. وڏي وزير موسميات تي فلاءِ اوور جو ڪم اڻ پورو ڏسي فوري طور تي ٻيهر شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي .شاهراهه ڀٽو جي دوري دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڄام صادق انٽرچينج کان ايم نائن ڪاٺوڙ انٽرچينج تائين 38 ڪلوميٽر ڊگهي ڪوريڊور جو 93 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، سڀئي پل تيار آهن جڏهن ته اسفالٽ جو ڪم آخري ڀاڱي ۾ آهي. ايڪسپينشن جوائنٽس جو ڪم ايندڙ 10 ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو، جڏهن ته باقي حصا ٻن هفتن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪم چوويهه ڪلاڪ جاري رکيو وڃي، خاص طور تي آر ڊي-36 لنڪ روڊ تي ۽ تعمير دوران مؤثر ٽرئفڪ مئنيجمينٽ ۽ حفاظتي انتظام يقيني بڻايا وڃن. هن چيو ته شاهراهه ڀٽو شهر اندر ٽرئفڪ جي دٻاءُ کي گهٽائيندي ۽ ايم نائن ۽ اين فائيو شاهراهن جي وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائيندي. ڳري ٽرئفڪ شهر کان ٻاهر منتقل ٿي ويندي، جنهن سان ڪراچي جي رهواسين کي وڏو رليف ملندو. هن وڌيڪ چيو ته هي رٿا ڪراچي شھر جي معيشت لاءِ شه رڳ ثابت ٿيندو. وڏي وزير شاهه فيصل ڪالوني ۾ تعمير ھيٺ عظيم پورا فلاءِ اوور جو پڻ معائنو ڪيو ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي 90 ڏينهن اندر رٿا مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هيءَ فلاءِ اوور جناح ٽرمينل ۽ ڀرپاسي وارن علائقن لاءِ سگنل فري ٽرئفڪ فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو پيو وڃي. وڏي وزير منور چورنگي انڊر پاس جو پڻ معائنو ڪيو، جيڪو ڪامران چورنگي کان گلستان جوهر ڏانهن ٽرئفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ لاءِ تعمير ڪيو پيو وڃي. هن ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته هن رٿا سان ملير، صفوران ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي رهواسين کي نمايان فائدو ٿيندو ۽ ٽرئفڪ جا مسئلا گهٽ ٿيندا. دوري دوران وڏي وزير زور ڀريو ته اڏاوتي معيار، شفافيت ۽ وقت سر مڪمل ٿيڻ تي ڪنهن به قسم ۾ ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي.