پورهيت شاعر ۽ سگهڙ استاد ٻڍل لاشاري جي ياد ۾

عبدالغني شر

 استاد ٻڍل لاشاري جي وڇوڙي کي اڄ هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، پر سندس يادون اڄ به دل جي دنيا ۾  ساڳئي تازگيءَ سان موجود آهن. استاد ٻڍل لاشاري سنڌ جي انهن انمول شخصيتن مان هو، جن وٽ رڳو شاعريءَ جو هنر نه، پر فڪر، فهم ۽ ماڻهن سان جڙيل رهڻ جو ڏانءُ به موجود هو. تنهن ڪري منهنجي دل سندس ڏاهپ کان گهڻو متاثر رهي آهي. خاص طور جڏهن هو شاهه لطيف جي شاعريءَ جي فڪر تي ڳالهائيندو هو، ته   پنهنجي منفرد انداز سان محفل ۾ موجود مڙني ماڻھن کي پاڻ ڏانهن متوجهھ ڪرائيندو هو ته ٻڌندڙن جي دل چاهيندي هئي ته بس رڳو ويهي ٻڌندو ئي رهجي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جي تشريح ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي، پر استاد ٻڍل  لاشاري وٽ اها خوبي هئي ته هو ڏکين لفظن کي به عام رواجي ٻوليءَ ۾ اهڙي سليس انداز سان بيان ڪندو هو، جو اسان جهڙا سادا به لطيف جي فڪر کي سمجھي  سگهندا ها،  اهو سندس وڏو علمي ۽ ادبي ڪمال هو. سنڌي ادبي سنگت شاخ  سنڌڙي جي گڏجاڻين ۾، جڏهن  استاد ٻڍل شرڪت ڪندو هو، ته  محفل کي چار چنڊ لڳي ويندا هئا ۽ ان ۾ رونق اچي ويندي ھئي

استاد ٻڍل سان اسان جون گهڻيون ملاقاتون سنڌڙي ۾ٿيون، سندس ڪچهريءَ جي مٺاس ۾ وقت جو احساس ئي نه رهندو هو.  هو سادو، بي لوث ۽ محبتون ونڊيندڙ انسان هو.  ھن  وٽ ڪا به مايا ملڪيت ڪانه   هئي، پر سڄي سنڌ جا ماڻهو سندس سرمايو هئا.  استاد ٻڍل پنھنجي ذاتي زندگي ۾ درزڪي ڪم سان سلھاڙيل ھو جنهن ڪري  پوري علائقي جا ماڻھو ننڍا توڙي وڏا هن کي احترام وچان استاد ڪري سڏيندا هئا  هو جنهن ماحول ۾ ويندو هو، اتي جو رنگ اختيار ڪري وٺندو هو. ڳوٺاڻي ڪچهري، راڳ، شاعري، مزاح اهي سڀ سندس شخصيت جا رنگ هئا. مون پهريون ڀيرو کيس شاگرديءَ جي دور ۾ پنهنجي ڳوٺ جي هڪ شاديءَ ۾ ٻڌو هو، جتي کيس مهمانِ خاص طور گهرايو ويو هو. مون ھڪ ئي وقت هن کي  شاعر، سگهڙ، راڳي ۽ مزاح نگار  جي روپ ۾ ڏٺو.

استاد ٻڍل شاعري سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ به شاعري ڪئي، سندس ڪلام شمن علي ميرالي سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي، ان کان سواءِ  سندس شاعري جا ٻئه ڪتاب پڻ شايع ٿيا جنهن ۾ ’ڌرتي تي ليڪا ۽ ساڪون يار مناوڻا هي‘ شامل آهن،  ٻڍل لاشاري اسان کي  يادگيرين جي شهر ۾ اڪيلو ڪري، اهڙي پار هليو ويو، جتان ڪو واپس نٿو اچي. پر هن پنهنجي زندگيءَ جي وهي کاتي ۾ رڳو محبتون لکيون، مرڪون ونڊيون ۽ دوستن سان دلبرائي ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.